قومون پنهنجي زبان، تاريخ، ثقافتي ورثي ۽ تهذيب سان سڃاتيون وڃن ٿيون: صدر ممنون حسين

قومون پنهنجي زبان، تاريخ، ثقافتي ورثي ۽ تهذيب سان سڃاتيون وڃن ٿيون: صدر ممنون حسين

ڪراچي (پاکستان نیوزپوائنٹ20جنوری2018ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته قومون پنهنجي زبان، تاريخ، ثقافتي ورثي ۽ تهذيب سان سڃاتيون وڃن ٿيون پر ان مان سڀني کان وڌيڪ اهميت زبان کي حاصل آهي، ايوان صدر ۾ ذميواري سنڀالڻ کانپوءِ مون اردو لاڳو ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪيترائي قدم کنيا، سڀ کان پهريون ڪم ته مون اهو ڪيو ته پاڪستان جي اندر قومي سطح جو ڪو موقعو هجي يا ٻاهرئين ملڪ عالمي ادارن جون تقريبون ۽ ڪانفرنسون، مون هر موقعي تي اردو ۾ ئي تقرير ڪئي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن صدر ممنون حسين انجمن ترقي اردو جي تعميراتي منصوبي اردو باغ ڪمپليڪس جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اردو کي تعليم جو ذريعو بڻائڻ سان نوجوان شاگردن جي صلاحيتن ۾ نکار پيدا ٿيندو ۽ هو زندگي جي مختلف شعبن ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري سگهندا. ان موقعي تي ڪراچي جو ميئر محمد وسيم اختر، صدر انجمن ترقي اردو ذوالقرنين حيدر جميل ۽ معتمد انجمن ترقي اردو فاطمه حسن پڻ موجود هئي. صدر ممنون حسين چيو ته اردو باغ رڳو هڪ عمارت يا تعميراتي منصوبو نه آهي پر هڪ تحريڪ جو تسلسل ۽ ان تحريڪ جي ايندڙ مرحلي جي شروعات آهي جنهن جو تعلق پاڪستان جي نظرياتي سڃاڻپ ۽ ان جي ترقي ۽ خوشحالي آهي. هن چيو ته قومون پنهنجي زبان، تاريخ، ثقافتي ورثي ۽ تهذيب سان سڃاتيون وڃن ٿيون پر انهن مان سڀ کان وڌيڪ اهميت زبان کي حاصل آهي. آئون اميد ڪريان ٿو ته اردو باع جي تعمير کانپوءِ ان تحريڪ کي نئين توانائي ملندي. صدر ممنون حسين چيو ته اردو باغ جي تعمير کانپوءِ پهرين ذميواري اها هجڻ گهرجي ته ان منصوبي جي باقي حصن کي مڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏنو وڃي. ان سلسلي ۾ ڪراچي جون علم دوست ڌريون، صاحبان ثروت ۽ اردو سان محبت ڪندڙ ضرور پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته مون کي اهو ڄاڻي تمام گهڻي خوشي ٿي ته اردو کي تعليم جو ذريعو بڻائڻ جي سلسلي ۾ جامعه عثمانيه حيدرآباد دکن ۾ جيڪو علمي ڪم ٿيو هو ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي مختلف علمن جي ڪيترن ئي ڪتابن جو ترجمو ٿيو هو، اهي سڀ انجمن جي لائبريري ۾ محفوظ آهن اهو علمي خزانو آهي جنهن مان اڄ به فائدو کڻي سگهجي ٿو. آئون چاهيان ٿو ته انجمن جا ذميوار ان سلسلي ۾ ملڪ جي مختلف يونيورسٽين، خاص طور تي وفاقي اردو يونيورسٽي سان لاڳيتو رابطو رکن ته جيئن ان عظيم الشان علمي ذخيري ۾ وڌيڪ اضافو ڪري سگهجي. آئون سمجهان ٿو ته اهو عمل علمي خزاني جي حفاظت ۽ ان مان فائدو کڻڻ جون نيون راهون کولڻ جو ذريعو بڻجندو. ان حقيقت ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اسان جا شاگرد مختلف علمن، خاص طور تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ اُن وقت تائين تخليقي صلاحيتن جو مظاهرو نه ٿا ڪري سگهن جيستائين اردو کي تعليم جي ذريعي طور اختيار نه ڪيو وڃي. مون کي خوشي آهي ته ملڪ جي ڪجهه يونيورسٽين ۾ اڃا به ان سلسلي ۾ فڪرمندي موجود آهي. منهنجي ڄاڻ ۾ آيو هو ته شعبه ابلاغ عامه، جامعه ڪراچي جي هڪ ناليواري استاد پروفيسر متين الرحمان مرتضيٰ وسيلن جي عدم موجودگي جي باوجود پنهنجي استادن ۽ شاگردن کان ابلاغ عامه جي جديد تحقيق بابت ڪيترن ئي ڪتابن جا ترجما ڪرائي اردو جو دامن وسيع ڪيو هو جنهن مان نه رڳو جامعه ڪراچي پر ٻين يونيورسٽين جا شاگرد اڃا به فائدو کڻي رهيا آهن. منهنجي خواهش آهي ته انجمن ترقي اردو ملڪ جي سمورن سرڪاري ۽ نجي شعبي جي يونيورسٽين جي وچ ۾ ان سلسلي ۾ لاڳاپا قائم ٿيڻ گهرجن ته جيئن اردو جي فروغ جي منتشر ڪوششن کي ٺوس طريقي سان اختيار ڪري سگهجن. اسان وٽ سرڪاري ۽ نجي سطح تي جديد علمي اڳڀرائي ۽ ان سلسلي ۾ متعارف ٿيندڙ اصطلاحن جا ترجما ۽ انهن کي عام فهم بڻائڻ جيي لاءِ قدر جوڳو ڪم ٿيو آهي جنهن جا فائديمند نتيجا نڪتا آهن پر آئون سمجهان ٿو ته اهو ڪڏهن به ختم نه ٿيندڙ عمل آهي. انجمن ترقي اردو جيئن ته جامعه عثمانيه جي علمي ورثي جي امين آهي ، تنهن ڪري اها ذميواري به ان جي ئي آهي ته اها ان شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ادارن جي رهنمائي ڪري ته جيئن ترجمي جو ڪم ڏکي صورت اختيار ڪري ضايع ٿيڻ بدران عام فهم صورت اختيار ڪري زبان عام ٿي وڃي. اردو تحريڪ کي مضبوط ۽ موثر بڻائڻ جو بهترين طريقو اهو ئي آهي. صدر ممنون حسين چيو ته انجمن جي علمي ذخيري ۾ ڪيترائي نادر ۽ ناياب ڪتاب، هزارين قلمي نسخا ۽ خط موجود آهن جڏهن ته موسمي اثرن ۽ ٻين سببن جي ڪري اهڙا ڪيترائي قيمتي ڪتاب ضايع ٿي وڃن ٿا جنهن جي نتيجي ۾ ايندڙ نسلون علم جي اهڙن ناياب سرچشمن کان محروم ٿي وڃن ٿيون. تقريب جي آخر ۾ ناليواري شاعر ۽ اديب جميل الدين عالي جي سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاتيو ويو.