حج 2018ع جي لاءِ درخواستن جي وصولي جي شروعات سڀاڻي سومر تي ٿيندي

حج 2018ع جي لاءِ درخواستن جي وصولي جي شروعات سڀاڻي سومر تي ٿيندي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ13جنوری2018ء) حج 2018ع جي لاءِ درخواستن جي وصولي جي شروعات سڀاڻي سومر تي ٿيندي جيڪا 14 جنوري تائين جاري رهندي. درخواستن جي قرعه اندازي 26 جنوري تي ٿيندي. مذهبي معاملن واري وزارت موجب هلندڙ سال سرڪاري حج اسڪيم تحت 1 لک 20 هزار ۽ پرائيويٽ حج اسڪيم تحت 59 هزار 210 خوشنصيب حج جي سعادت ماڻيندا. هارڊشپ ڪوٽا تحت 2400 عازمين حج جي سهولت حاصل ڪندا. ڪراچي، ڪوئيٽا سکر مان 2 لک 83 هزار 50 رپيا جڏهن ته پشاور، اسلام آباد، لاهور، رحيم يار خان، فيصل آباد ۽ سيالڪوٽ مان 2 لک 93 هزار 50 رپيا في ڪس خرچ وصول ڪيا ويندا.