ترڪمانستان جو پرڏيهي وزير اعليٰ سطحي وفد سان گڏ 15 جنوري تي اسلام آباد پهچندو

ترڪمانستان جو پرڏيهي وزير اعليٰ سطحي وفد سان گڏ 15 جنوري تي اسلام آباد پهچندو

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ13جنوری2018ء) ترڪمانستان جو پرڏيهي وزير رشيد مريدوف اعليٰ سطحي وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي 15 جنوري تي اسلام آباد پهچندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ترڪمانستان جو پرڏيهي وزير پنهنجي پاڪستاني هم منصب خواجه محمد آصف جي دعوت تي پاڪستان جي دوري تي اچي رهيو آهي. هو ٻطرفي سياسي مشاورت جي افتتاحي سيشن ۾ پنهنجي وفد جي قيادت ڪندو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ اعتماد ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل روايتي ۽ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون ۾ اڳڀرائي ٿي رهي آهي. ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مستحڪم اقتصادي حصيداري قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.