وزيراعظم پاران قومي اسيمبلي ۾ سپريم ڪورٽ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي دائري اختيار کي فاٽا تائين توسيع ڏيڻ جي بل جي متفقه منظوري تي قوم کي مبارڪون

وزيراعظم پاران قومي اسيمبلي ۾ سپريم ڪورٽ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي دائري اختيار کي فاٽا تائين توسيع ڏيڻ جي بل جي متفقه منظوري تي قوم کي مبارڪون

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ13جنوری2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي قومي اسيمبلي ۾ سپريم ڪورٽ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي دائري اختيار کي فاٽا تائين توسيع ڏيڻ جي بل جي متفقه منظوري تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي دائري اختيار کي فاٽا تائين توسيع ڏيڻ جو عمل قبائلي علائقن ۾ سڌارن جي سلسلي ۾ پهريون قدم آهي. ويراعظم ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پنهنجي هڪ پيغام ۾ چيو ته بل جو پاس ٿيڻ فاٽا جي عوام لاءِ هڪ تاريخي قدم آهي. شاهد خاقان عباسي فاٽا جي عوام کي قانوني حق ملڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته فاٽا جي عوام جي لاءِ اڄ وڏي خوشخبري جو ڏينهن آهي. 70 سالن کان قبائلي عوام کي جيڪي حق نه ملي سگهيا اهي مسلم ليگ (ن) جي حڪومت کين ڏنا آهن. بل جي منظوري سان فاٽا ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن لاڳو ايف سي آر قانون جو خاتمو ممڪن ٿي سگهندو. شاهد خاقان عباسي چيو ته سپريم ڪورٽ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي دائري اختيار جي فاٽا تائين توسيع جي بل جي منظوري اهم قدم آهي جنهن سان قبائلي عوام قومي ڌارا ۾ شامل ٿيندي ۽ ان سان پاڪستان مضبوط ٿيندو.