طاهر القادري جي خواهش آهي ته حڪومت ختم ٿي وڃي: عبدالقيوم

طاهر القادري جي خواهش آهي ته حڪومت ختم ٿي وڃي: عبدالقيوم

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ12جنوری2018ء) سينيٽ جي ميمبر ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقيوم چيو آهي ته طاهر القادري جي خواهش آهي ته حڪومت ختم ٿي وڃي ۽ سينيٽ جون چونڊون نه ٿين، زينب سان پيش آيل واقعو افسوسناڪ آهي، جمعي ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سينيٽ جي چونڊن کي روڪرائڻ لاءِ سازشون ڪيون پيون وڃن، اسان جي خواهش آهي ته اسيمبليون پنهنجو آئيني مدو پورو ڪن، طاهر القادري جي خواهش آهي ته حڪومت ختم ٿي وڃي پر ائين نه ٿيندو ۽ حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي. هن چيو ته پرامن مظاهرا ڪري سگهجن ٿا پر قانون کي هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. قصور واقعي کانپوءِ احتجاج ڪندڙن سرڪاري عمارتن ۽ پوليس تي حملا ڪيا۔