قصور واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي ويجهو پهچي چڪا آهيون: رانا محمد افضل

قصور واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي ويجهو پهچي چڪا آهيون: رانا محمد افضل

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ12جنوری2018ء) ناڻي واري مملڪتي وزير رانا محمد افضل چيو آهي ته حڪومت قصور واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي ڳولا ڪري رهي آهي، جوابدار جي ويجهو پهچي چڪا آهيون. جمعي ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي قرار واقعي سزا ڏني ويندي، هن چيو ته قصور جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي ۽ ان جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، تنهن هوندي به سڀ ڪجهه حڪومت تي نه وجهڻ گهرجي، معاشري جي به ذميداري آهي ته هو اهڙن عنصرن تي نظر رکي، اسان سڀني کي ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، مملڪتي وزير چيو ته اهڙن واقعن کانپوءِ ماڻهن کي ڀڙڪائڻ ۽ ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ گهڻو آسان آهي پر ان جي اثرن کي به ڏسڻ گهرجي.