فاٽا سان تعلق رکندڙ ميمبرن پاران سپريم ڪورٽ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ تائين قبائلي علائقن جي عوام کي رسائي ڏيڻ جي بل جي منظوري تي اطمينان جو اظهار

فاٽا سان تعلق رکندڙ ميمبرن پاران سپريم ڪورٽ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ تائين قبائلي علائقن جي عوام کي رسائي ڏيڻ جي بل جي منظوري تي اطمينان جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ12جنوری2018ء) فاٽا سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن سپريم ڪورٽ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ تائين وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن جي عوام کي رسائي ڏيڻ جي بل جي منظوري تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هي قبائلي علائقن جي عوام جي ايف سي آر جي ظالماڻي نظام کان آزادي طرف پهريون قدم آهي، قبائلي علائقن جي خيبرپختونخوا صوبي ۾ ضم ڪرڻ سان فاٽا جي عوام کي حقيقي آزادي حاصل ٿيندي، حڪومت سميت سمورين سياسي پارٽين جا ٿورائتا آهيون. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ بل جي منظوري کانپوءِ ڳالهائيندي شهاب الدين خان چيو ته اسان جي پارٽي جو هي منشور هو ته فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ ضم ڪنداسين، اسان حڪومت، اپوزيشن ۽ فاٽا سڌارا ڪميٽي جا ٿورائتا آهيون، اڄ فاٽا ۾ جشن آهي، 90 سيڪڙو قبائلين جي اها ئي خواهش هئي ته ايف سي آر جو خاتمو ٿئي، اسپيڪر چيو ته فاٽا سڌارن تي عبدالقادر بلوچ ذاتي طور تي دلچسپي وٺي سڌارن جي تجويز ڏني، اپوزيشن جو به ڪردار قابل تحسين آهي، نذير خان چيو ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ سڌارا ڪميٽي جا ٿورائتا آهيون، حڪومت جا ٿورائتا آهيون جنهن هي سڌارا ڪيا، اڄ فاٽا جا ماڻهو خوش آهن، شاهه جي گل آفريدي چيو ته اڄ پوري ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جو دائرو پکڙجي ويو آهي، آئون حڪومت، اپوزيشن پارٽين جو ٿورائتو آهيان، ان فيصلي سان پاڪستان ترقي يافته ملڪن ۽ دنيا جو امن پسند ملڪ بڻجندو، مملڪتي وزير غالب خان چيو ته هي اسان جي حڪومت جي تمام وڏي ڪاميابي آهي، ان تي پنهنجي قائد نواز شريف کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، هي فاٽا جي عوام جو پراڻو مطالبو هو،ڊاڪٽر غازي گلاب جمال به بل جي منظوري تي پوري ايوان جي سمورين پارٽين جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته هي ڪم ايترو آسان نه هو، هي هڪ مشڪل ڪم هو جيڪو سرانجام ڏنو ويو آهي، هي ڪم نعرن سان نٿو ٿي سگهي پر ان جي لاءِ سوچ ويچار ۽ ٺوس قدم کڻڻ جي ضرورت هئي، حڪومت سميت سمورين پارٽين خوش اسلوبي سان هي ڪم پڄاڻي تائين پهچايو آهي، ايم ڪيو ايم جي ميمبر شيخ صلاح الدين چيو ته فاٽا جي عوام جي بهتري طرف بل جي منظوري پهريون قدم آهي.