حڪومت ملڪ جي سمورن حصن ۾ سستي اگهن تي براڊ بينڊ جي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي ته جيئن ملڪ جي ڏورانهن ۽ ڏکين علائقن ۾ عام ماڻهو کي ڊجيٽل سهولتون مهيسر اچي سگهن: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

حڪومت ملڪ جي سمورن حصن ۾ سستي اگهن تي براڊ بينڊ جي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي ته جيئن ملڪ جي ڏورانهن ۽ ڏکين علائقن ۾ عام ماڻهو کي ڊجيٽل سهولتون مهيسر اچي سگهن: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ12جنوری2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت کي سڄي ملڪ ۾ خاص طور تي ڏورانهن علائقن ۾ بااعتماد ۽ سستي براڊبينڊ رابطي جي سهولت کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت ملڪ جي سمورن حصن ۾ سستي اگهن تي براڊ بينڊ جي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي ته جيئن ملڪ جي ڏورانهن ۽ ڏکين علائقن ۾ عام ماڻهو کي ڊجيٽل سهولتون مهيسر اچي سگهن. هن اها ڳالهه جمعي ڏينهن هتي مقامي هوٽل ۾ وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن (فاٽا)، خيبر، مهمند ايجنسي ۽ ڊي آءِ خان ۾ پائيدار ترقياتي منصوبن لاءِ براڊ بينڊ جي معاهدي تي صحيحن جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. وزيراعظم يونيورسل سپورٽ فنڊ (يو ايس ايف) جي مدد سان ملڪ جي قبائلي علائقن ۾ براڊ بينڊ جي سهولتن جي فراهمي جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته ان سان ماڻهن کي انهن جي گهر جي چائنٺ تي جديد سهولتن جي فراهمي جي ذريعي شهري ۽ ٻهراڙي جي علائقن جي وچ ۾ فرق ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت تحت ڪم ڪندڙ يو ايس ايف طرفان گهٽ ترقي يافته علائقن ۾ ٽيلي ڪام سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، ٿري جي ۽ فور جي خدمتن جي آغاز کانپوءِ منصوبي تحت 5896 ٻهراڙين کي براڊ بينڊ جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، نئين معاهدن سان خيبر، مهمند ۽ ڊي آءِ خان کي ساڍا 3 ارب روپين جي لاڳت سان هي خدمتون فراهم ڪيون وينديون ۽ 1187 ٻهراڙين ۾ 40 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي سهولت ملندي. هن انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت کي ايندڙ چئن مهينن ۾ هي منصوبو مڪمل ڪرڻ ۽ سستي اگهن تي سهولتن جي فراهمي جي هدايت ڪئي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ان سان ماڻهن جي لاءِ نيون راهون کلنديون ۽ اي ڪامرس کانسواءِ ٻيون ڪيتريون ئي خدمتون به دستياب هونديون جنهن جو ڪجهه سال پهرين تصور به نه هو، وزيراعظم چيو ته اي – سروسز تيزي سان اڀرندڙ ميدان آهي ۽ هي ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ ماڻهن کي صحت تعليم ۽ ڪاروباري موقعا فراهم ڪري سگهي ٿو. ان کانپوءِ جي مرحلي ۾ ان سان اليڪٽرانگ ووٽنگ ۽ چونڊون ڪرائڻ جي لاڳت ۾ گهٽتائي ۾ به مدد ملندي. هن چيو ته يو ايس ايف ملڪ ۾ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري رهيو آهي، وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ جي سمورن حصن ۾ سستي اگهن تي براڊ بينڊ جي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي ته جيئن ملڪ جي ڏورانهن ۽ ڏکين علائقن ۾ سهولتون حاصل ٿين، هن چيو ته يو ايس ايف معاشري جي ترقي ۾ مددگار جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي وزارت ملڪ ۾ سستي اگهن تي براڊ بينڊ جي فراهمي جي لاءِ جامع حڪمت عملي تحت قدم کڻي رهي آهي ته جيئن ٽيلي ڪام جي شعبي جي ترقي سان ملڪ جي سمورن علائقن کي هڪجهڙو فائدو ملي سگهي، وزيراعظم گهٽ ترقي يافته ۽ پوئتي پيل علائقن ۾ ڇوڪرين جي لاءِ آءِ ٽي ۽ اي سروسز جي فراهمي ۾ انفارميشن اينڊ ٽيڪنالاجيز جي دستيابي جي حوالي سان يو ايس ايف جي قدمن به ذڪر ڪيو، يو ايس ايف جي ”ڇوڪرين جي لاءِ آءِ سي ٽي“ منصوبي تحت مائيڪرو سافٽ ڇوڪرين کي تربيت فراهم ڪرڻ جي لاءِ سهڪار ڪيو آهي ته جيئن کين ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي عمل ۾ موثر انداز ۾ شريڪ ڪري سگهجي. هيستائين پاڪستان بيت المال جي وومن امپاورمنٽ سينٽرز ۾ 100 ڪمپيوٽرز ليب قائم ڪيون ويون آهن ۽ 3500 شاگردياڻين کي تربيت ڏني ويندي، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ان کي عمده قدم قرار ڏيندي چيو ته ان سان عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ پنهنجي گهرن ۾ سهولتن سان گڏوگڏ باعزت انداز ۾ روزي ڪمائڻ ۾ مدد ملندي. تقريب کي خطاب ڪندي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ممڪلتي وزير انوشه رحمان چيو ته يونيورسل سپورٽ فنڊ 226 ڪمپيوٽرز ليب جي ذريعي اسلام آباد جي سرڪاري اسڪولن ۾ ڇوڪرين کي آءِ سي ٽي جي تربيت فراهم ڪري رهيو آهي، مائيڪرو سافٽ 202 استادن کي به تربيت ڏيندو ته جنهن جي ذريعي 17 هزار کان وڌيڪ ڇوڪرين کي تربيت ڏني ويندي، هن اي ڪامرس جي ذريعي ننڍي ۽ وچولي ماپي جي ڪاروبار جي لاءِ اقتصادي موقعا پيدا ڪرڻ ۽ بااختيار بڻائڻ جي منصوبي جي نشاندهي ڪندي چيو ته ٽيڪنالاجي سان سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مدد ملندي ۽ ماڻهن کي اي هيلٿ، اي ايجوڪيشن ۽ ٻين ڪيترين ئي سهولتن ۾ آساني پيدا ٿيندي، هن چيو ته 2013ع کان قلات، سبي، زوب، ڪوهستان، ڊيرا بگٽي ۽ خاران – واشوڪ ۾ موبائيل برانڊ بينڊ سروسز جي فراهمي جا ڪانٽريڪٽ ڏنا ويا ۽ هي ڊجيٽيل پاڪستان جي طرفان اڳڀرائي جي پروگرام جو حصو آهي، ان کان اڳ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي يو ايس ايف ۽ يو فون ۽ ٽيلي نار جي سروس پرووائيڊرز جي وچ ۾ معاهدن جي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي۔