سينيٽ جي هائوسنگ ۽ تعميرات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي هائوسنگ ۽ تعميرات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ11جنوری2018ء) سينيٽ جي هائوسنگ ۽ تعميرات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي سربراهه مولانا تنوير الحق ٿانوي جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ آءِ 16، بهاره ڪهو ۽ ٺليان جي منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته سرڪاري ملازمن ۽ ٻين شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن اربين روپيا جمع ڪرايا تنهن هوندي به مسئلو التوا جو شڪار آهي ۽ پي اي سي به ان ڏس ۾ نيب کي ڪيس موڪلي ڇڏيو آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب ڪميٽي چيو ته ٺليان ۽ بهاره ڪهو هائوسنگ اسڪيم انتهائي اهم منصوبا آهن ۽ ڪميٽي جلد ئي انهن منصوبن جو دورو ڪندي ، سيڪٽر آءِ 16 ۾ پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي منصوبن جي باري ۾ ٻڌايو ويو ته 24 بلاڪ جوڙيا ويا آهن جنهن ۾ اپارٽمنٽس تعمير ڪيا ويندا، هڪ اپارٽمينٽ جو اڱڻ 1496 چورس فوٽ آهي، ڪميٽي انهن اپارٽمينٽس ۾ لڳايل تعميراتي مٽيريل ۽ سمورين شين جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن کانسواءِ هائسونگ ۽ تعميرات واري وفاقي وزير اڪرم خان دراني ۽ ٻين اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي.