ريئر ايڊمرل ذڪاءُ الرحمان ڊائريڪٽر جنرل جي حيثيت سان پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جي ڪمانڊ سنڀالي ورتي

ريئر ايڊمرل ذڪاءُ الرحمان ڊائريڪٽر جنرل جي حيثيت سان پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جي ڪمانڊ سنڀالي ورتي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ11جنوری2018ء) ريئر ايڊمرل ذڪاءُ الرحمان ڊائريڪٽر جنرل جي حيثيت سان پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جي ڪمانڊ سنڀالي ورتي آهي. پاڪ نيوي طرفان جاري بيان موجب ريئر ايڊمرل ذڪاءُ الرحمان 1988ع ۾ پاڪ بحريه جي آپريشنز برانچ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي، هو مختلف ڪمانڊ مقررين تي مقرر رهي چڪو آهي جنهن ۾ جنگي بحري جهاز ۽ 25 هين ڊاسٽرائر اسڪواڊرن جي ڪمانڊ شامل آهي. ريئر ايڊمرل ذڪاءُ الرحمان پنهنجي غير معمولي پيشيوراڻي سروس جي دوران نيول هيڊ ڪواٽرز ۾ ڪيترن ئي اهم اسٽاف عهدن تي به فائز رهي چڪو آهي ۽ بحرين ۾ ڪمانڊر ٽاسڪ فورس 151 جي چيف آف اسٽاف جون ذميداريون به سرانجام ڏئي چڪو آهي. هو پاڪستان ايمبيسي ترڪي (انقره) ۾ پاڪستان جي نيول اتاشي به رهي چڪو آهي.