سينيٽ جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ11جنوری2018ء) سينيٽ جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ڪنوينر سينيٽر ڪلثوم پروين جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. ذيلي ڪميٽي جي اجلاس سي ڊي اي ۽ آءِ سي ٽي بابت قانونن، ريگوليشنز ۽ رولز ۾ ڪيل تبديلين کانسواءِ سرسيد ميموريل سوسائيٽي جي معاملن جو تفصيل سان جائزو ورتو ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب ڪميٽي جي ڪنوينر سينيٽر ڪلثوم پروين چيو ته آءِ سي ٽي انتظاميه ايندڙ اجلاس ۾ هائوسنگ سوسائيٽين جي حوالي سان قانونن ۽ 2017ع ۾ سوسائيٽين جي حوالي سان ڪيل آڊٽ رپورٽس، سوسائيٽين جو تعدا ۽ ميمبر فرمز کان آڊٽ ڪرايو ويو انهن جا تفصيل فراهم ڪن. ڪميٽي جي ڪنوينر چيو ته آءِ سي ٽي انتطاميه ان ڳالهه جو خصوصي خيال رکي جن ماڻهن سرڪار کي پنهنجون زمينون ڏنيون انهن کي متبادل جڳهه ۽ معاوضو بروقت ڇو نه پيو ڏنو وڃي. ان حوالي سان متاثرين کان تفصيل به ورتا پيا وڃن ۽ ڪارپوريٽس جي خلاف ڪيترا ڪيسز نيب ۽ ايف آءِ اي ۾ آهن انهن جا تفصيل به فراهم ڪيا وڃن، ذيلي ڪميٽي جي اجلاس ۾ سر سيد ميموريل سوسائيٽي جي ڊائريڪٽر نگهت مرزا تفصيلن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ضياءُ الحق جي دور ۾ سوسائيٽي هڪ هڪ پلاٽ مليو ۽ مشرف دور ۾ 10 ڪروڙ جي ڊوپلمينٽ ڪئي وئي، سوسائيٽي ۾ تقريبن 80 ڪروڙ جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، نشاندهي ڪرڻ تي اسان جي صرف نه رڳو پگهار بند ڪري ڇڏي پر نئين انتظاميه ڪرپشن ڪندڙن کي پاڻ سان ملائي ورتو آهي ۽ سر سيد ميموريل سوسائيتي کي مسواڙ تي ڏئي هڪ يونيورسٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن کي سپريم ڪورٽ به خالي ڪرائڻ جي هدايت ڏني آهي، چيف ڪمشنر اسلام آباد ڪميٽي کي ٻڌايو ته قانون موجب هتي يونيورسٽي نٿي بڻجي سگهي ۽ سپريم ڪورٽ خالي ڪرائڻ جو فيصلو ڏنو آهي، سي ڊي اي جون 2018ع تائين ان کي خالي ڪرائي وٺندي. هي سوسائيٽي 1861ع جي ايڪٽ تحت رجسٽرڊ ٿي آهي، ۽ چارٽر ۾ لکيل آهي ته ميموريل هال بڻجندو، آڊٽ ۾ فراڊ جي نشاندهي ٿي آهي، ڪنوينر چيو ته آءِ سي ٽي انتظاميه کي هڪ سوال نامو موڪليو ويندو جنهن جي تفصيلي رپورت ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪئي وڃي، ڪميٽي جي اڄوڪي اجلاس ۾ سينيٽر حاجي سيف الله خان بنگش، ڪامل علي آغا کانسواءِ ڪيبنيٽ جي اسپيشل سيڪريٽري شائسته سهيل، چيف ڪمشنر آءِ سي ٽي ذوالفقار حيدر، ڪيڊ واري جوائنٽ سيڪريٽري عالمگير احمد خان ۽ ميمبر پلاننگ سي ڊي اي اسد ڪياني ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.