سينيٽ چيئرمين جي متحده عرب امارات جي سفير سان ملاقات

سينيٽ چيئرمين جي متحده عرب امارات جي سفير سان ملاقات

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ11جنوری2018ء) سينيٽ چيئرمين متحده عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي سان ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان موجب ملاقات دوران ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ لاڳاپن جو بنياد گڏيل روايتن، مذهبي قدرن ۽ سماجي هڪجهڙائي تي آهي ۽ ٻنهي ملڪن عالمي معاملن تي هڪٻئي جي موقف جي حمايت ڪئي آهي. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ترقي جي خاطر رابطن کي فروغ تي زور ڏنو. ميان رضا رباني پارليماني سطح تي وفدن جي مٽاسٽا ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ لاءِ گڏيل تعاون ۽ رابطن کي وڌائڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته متحده عرب امارات واپاري ۽ اقتصادي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻي سگهي ٿو.