صدر پاران ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (ترميمي) آرڊيننس 2018ع جاري

صدر پاران ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (ترميمي) آرڊيننس 2018ع جاري

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ11جنوری2018ء) صدر ممنون حسين ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (ترميمي) آرڊيننس 2018ع جاري ڪري ڇڏيو آهي جيڪو فوري طور تي لاڳو هوندو. خميس ڏينهن قانون واري وزارت پاران جاري ڪيل آرڊيننس موجب صدر ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي آرڊيننس 1960ع ۾ ترميم جي حوالي سان هي آرڊيننس جاري ڪيو، ان آرڊيننس ۾ 1960ع جي آرڊيننس جي شق 6 جي ذيلي سيڪشن 2، 3، 6 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي جڏهن ته 1960ع جي آرڊيننس جي شق 8 جي سيڪشن (ايف) حذف ڪيو ويو آهي.