سٺي اخلاق تي عمل ڪري ڪيترين ئي معاشرتي براين کان بچي سگهجي ٿو: محموده ممنون حسين

سٺي اخلاق تي عمل ڪري ڪيترين ئي معاشرتي براين کان بچي سگهجي ٿو: محموده ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ11جنوری2018ء) خاتون اول بيگم محموده ممنون حسين چيو آهي ته سٺي اخلاق تي عمل ڪري ڪيترين ئي معاشرتي براين کان بچي سگهجي ٿو، دين اسلام اخلاق تي سڀ کان وڌيڪ زور ڏيندو آهي. هن اها ڳالهه جمعي ڏينهن ايوان صدر ۾ اسڪول جي شاگردياڻين سان ڳالهائيندي چئي. اخلاقي تربيت جو هي سلسلو گذريل ڪافي عرصي کان جاري آهي ته جيئن ڇوڪرين جي تعليم سان گڏوگڏ انهن جي اخلاقي تربيت تي به ڌيان ڏئي سگهجي. بيگم محموده ممنون حسين چيو ته اخلاق حسنه صرف اهو ئي ناهي ته ماڻهن سان سٺي طريقي سان مليو وڃي پر انهن سمورن معاملن کانسواءِ سٺي اخلاق ۾ اڃان به گهڻيون شيون شامل آهن جهڙوڪ ايمان، درست عقيده، توحيد ۽ نماز روزي جي پابندي، نيڪ عمل، سٺين عادتن، ماڻهن جي معاملن ۾ سچائي، ننڍڙن سان شفقت ۽ محبت ۽ وڏن جو ادب ۽ احترام، والدين جي خدمت، انهن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ، پاڙيسرين سان سٺو ورتاءُ ڪرڻ، عزيز، رشتيدارن، دوستن سان سٺو سلوڪ، ماڻهن جي معاملن ۾ عدل ۽ انصاف، آخرت جي فڪر، قرآن مجيد جي تلاوت، اسلام جي رڪن جي پابندي، حقوق العباد جي ادائيگي ۽ بي ايماني ۽ ناانصافي، حرام جي ڪمائي، بيواهه ۽ يتيم جو مال کائڻ کان پري رهڻ وغيره سڀ شيون سٺي اخلاق ۾ شامل آهن. بيگم محموده ممنون حسين چيو ته حضور اڪرم صه جي پوري زندگي سراپا اخلاق هئي، وڏن جو ادب، ننڍن سان محبت ۽ ٻين جو احترام هي سموريون خوبيون ان ۾ موجود هيون اهو ئي سبب هو جو پنهنجا ته پنهنجا پر غير مسلم به ان جو تمام گهڻو احترام ڪندا هئا. خاتون اول شاگردياڻين کي اخلاق حسنه بابت هڪ حديث جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته نبي ڪريم صه سٺي اخلاق واري ماڻهو کي روزيدار ۽ تهجد گذار جي برابر قرار ڏنو. خاتون اول بيگم محموده ممنون حسين چيو ته شاگردياڻيون دنياوي علم ضرور حاصل ڪن ۽ جيستائين چاهين پڙهن پر ان سان گڏوگڏ هي به ضروري آهي ته ديني تعليم تي به خصوصي ڌيان ڏين، هن ڇوڪرين تي زور ڏنو ته ٻين جي تهذيب جو ويس پائڻ بدران پنهنجي تهذيب کي پروان چاڙهيو ۽ پنهنجي سڃاڻپ پاڻ پيدا ڪريو، هن چيو ته زندگي کي اسلامي اصولن موجب گذارين ته جيئن هڪ اهڙو معاشرو پروان چڙهي سگهي جنهن ۾ اخلاقيات جي قدر، ٻين جو احترام هجي ۽ بزرگن جي عزت هجي. هن استادن کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڇوڪرين جي تعليم ۽ تربيت جي سلسلي ۾ انهن جي ڪلهن تي وڏي ذميداري لاڳو ٿئي ٿي ان لاءِ هو پاڻ عملي طور تي اخلاق جو پيڪر بڻجي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تربيت ڏين، تقريب جي پڄاڻي تي بيگم محموده ممنون حسين ڇوڪرين سان رلي ملي وئي ۽انهن جي سوالن جا جواب ڏنا، ان موقعي تي بيگم محموده حسين چيو ته ان سلسلي ۾ هو اڳتي وٺي هلندي ته جيئن ڇوڪرين جي اخلاقي تربيت تي ڌيان ڏئي سگهجي.