سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي اسلام آباد ۾ غير معيار خوراڪ جي حوالي سان گهرو وزارت سميت اهم وزراتن ۽ ادارن کان بريفنگ طلب ڪري ورتي

سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي اسلام آباد ۾ غير معيار خوراڪ جي حوالي سان گهرو وزارت سميت اهم وزراتن ۽ ادارن کان بريفنگ طلب ڪري ورتي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ11جنوری2018ء) سينيٽ جي قومي صحت ۽ ريگوليشن ۽ ڪوآرڊينيشن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ غير معيار خوراڪ خاص طور تي غير معياري کير ۽ پولٽري جي سپلائي ۽ وڪري جي حوالي سان گهرو وزارت سميت اهم وزراتن ۽ ادارن کان بريفنگ طلب ڪري ورتي. ان ڏس ۾ ڪميٽي جو اجلاس 16 جنوري تي پارليامينٽ هائوس ۾ ڪميٽي چيئرمين سجاد حسين طوري جي صدارت ۾ منعقد ٿيندو جنهن ۾ ڪيڊ واري وزارت، قومي فوڊ سيڪيورٽي، چيف ڪمشنر اسلام آباد، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر، ڊي جي هيلٿ ان حوالي سان غير معياري کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي ۽ وڪري جي باري ۾ بريفنگ ڏيندا۔