قومي اسيمبلي پاران نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي بل 2016ع جي منظوري

قومي اسيمبلي پاران نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي بل 2016ع جي منظوري

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05ستمبر 2016ء) قومي اسيمبلي نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي بل 2016ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ دفاع واري وفاقي وزير خواجه رٿ پيش ڪئي ته نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي بل 2016ع غور هيٺ آندو وڃي، ايوان مان رٿ جي منظوري کانپوءِ اسپيڪر بل جي ايوان مان شقوار منظوري حاصل ڪئي، دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف رٿ پيش ڪئي ته نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي بل 2016ع منظور ڪيو وڃي، جنهن کانپوءِ قومي اسيمبلي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي.