ڪوئيٽا، مردان ۽ پشاور جي رستن تي وهندڙ رت رائيگان نه ويندو: سينيٽر تاج حيدر

ڪوئيٽا، مردان ۽ پشاور جي رستن تي وهندڙ رت رائيگان نه ويندو: سينيٽر تاج حيدر

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05ستمبر 2016ء) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سينيٽر تاج حيدر چيو آهي ته ڪوئيٽا، مردان ۽ پشاور جي رستن تي وهندڙ رت رائيگان نه ويندو. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ ۾ ڳالهائيندي سينيٽر تاج حيدر چيو ته پيپلزپارٽي مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خلاف آهي، اسان هڪ ڀيرو ٻيهر ان واقعي جي مذمت ڪريون ٿا، هن چيو ته اسان ڪيستائين صرف فاتحه خواني ڪندا رهنداسين ۽ پنهنجي ڪمزوين جو ڪڏهن جائزو وٺنداسين ۽ ڪڏهن اهڙي حڪمت عملي جوڙينداسين جو ان لعنت مان ڇوٽڪارو ملي سگهي، انٽيليجنس ادارن، وفاق، صوبن ۾ رابطن جي ضرورت آهي، ڪوئيٽا سانحي جهڙن سانحن کانپوءِ قومي قيادت کي موقعي تي پهچڻ گهرجي ها پر سيڪيورٽي جي نالي تي رستا خالي ڪرايا ويا ۽ ماڻهن کي طبي امداد وقت سر نه ملي سگهي. وڏي ڳالهه آهي جو پاڪستان انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جو فيصلو ڪري چڪو آهي، عوام ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي آهي، ڪوئيٽا، مردان، پشاور جي رستن تي وهندڙ رت رائيگان نه ويندو.