برطانيا جي يورپي يونين کان عليحدگي ٿيڻ باوجود به پاڪستان کي جي ايس پي پلس جو درجو اڍائي سالن تائين برقرار رهندو: وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير

برطانيا جي يورپي يونين کان عليحدگي ٿيڻ باوجود به پاڪستان کي جي ايس پي پلس جو درجو اڍائي سالن تائين برقرار رهندو: وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05ستمبر 2016ء) واپار واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير چيو آهي ته برطانيا جي يورپي يونين کان عليحدگي ٿيڻ باوجود به پاڪستان کي جي ايس پي پلس جو درجو اڍائي سالن تائين برقرار رهندو، ايڪسپورٽرز جي مطالبي تي صنعتن کي بنا رڪاوٽ جي بجلي ۽ گئس فراهم ڪئي پئي وڃي، هلندڙ سال ڪپهه جي پيداوار سان گذريل سال جو نقصان پورو ٿيڻ جي اميد آهي. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران صاحبزاده يعقوب خان جي سوال جي جواب ۾ واپار واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير ٻڌايو ته پاڪستان 2011ع ۾ ڀارت جي لاءِ 1209 شين جي منفي فهرست مان 1963 شين جي مثبت فهرست تي منتقل ٿيو، جن شين جي اجازت آهي انهن جو واپار ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جاري آهي، 14 – 2013ع ۾ اسان جي ايڪسپورٽس 25 ارب ڊالر کان مٿي هلي وئي هئي، ايڪسپورٽرز کي انهن جي پراڻي مطالبي تي بنا رڪاوٽ جي بجلي ۽ گئس فراهم ڪئي ئي وڃي، هن سال ڪپهه جو گذريل سال ٿيندڙ نقصان پورو ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿيڻ جي اميد آهي.