اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05ستمبر 2016ء) سينيٽ ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي واقعي خلاف مذمتي قرارداد منظور ڪري ورتي آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي قسم جي حملن سان قوم جي دهشتگردي خلاف عزم کي ڪمزور نه ٿو ڪري سگهجي. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران قائد ايوان سينيٽر راجا ظفرالحق قرارداد پيش ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي واقعي جي سخت مذمت ڪري ٿو جنهن ۾ سينيٽر جهانزيب جمالديني جي فرزند ۽ وڪيلن سميت ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿيون. سينيٽ ان واقعي ۾ مارجي ويلن جي پونئيرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته ايوان وڪيلن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، سول سوسائٽي جي ميمبرن، صحافين سميت سڀني سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو، هي ايوان سينيٽر جهانزيب جمالديني جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي قسم جي حملن سان قوم جي دهشتگردي جي خلاف عزم کي ڪمزور نه ٿو ڪري سگهجي. چيئرمين قرارداد تي ايوان جي راءِ ورتي، ايوان قرارداد جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي.
سينيٽ پاران ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي واقعي خلاف مذمتي قرارداد منظور
8 سال پھريان