مريم اورنگزيب پاران سينئر صحافي محمد افضل خان جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

مريم اورنگزيب پاران سينئر صحافي محمد افضل خان جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 15دسمبر2017ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب سينئر صحافي محمد افضل خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته افضل خان پاڪستان ۾ جمهوري جدوجهد جي صحافتي قافلي جو نڊر اڳواڻ هو، پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته افضل خان پنهنجي قلم ۽ عمل سان آمريت جي خلاف مزاحمت جي روشن روايت قائم ڪئي، جيڪا ان کانپوءِ ايندڙن جي لاءِ هڪ روشن مثال آهي، مملڪتي وزير مريم اورنگزيب دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پوئينرن کي صبر جميل عطا ڪري.