مشهور صحافي افضل خان لاڏاڻو ڪري ويو

مشهور صحافي افضل خان لاڏاڻو ڪري ويو

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 15دسمبر2017ء) مشهور صحافي افضل خان ڊگهي علالت کانپوءِ آمريڪي رياست ورجينيا ۾ 80 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پنهنجي ڊگهي ڪيريئر دوران مرحوم سرڪاري خابرو اداري اي پي پي ۽ ٻين انگريزي اخبارن سان لاڳاپيل رهيو. هو عرب نيوز، خليج ٽائيمز، ڊان، دي نيشن، پاڪستان ٽائمز ۽ هندستان ٽائيمز لاءِ ڪالم ۽ فيچر لکندو هو، سندس خانداني ذريعن جو چوڻ هو ته تدفين لاءِ مرحوم جي مڙهه کي ايندڙ هفتي پاڪستان آندو ويندو، سندس جنازي نماز ورجينيا ۽ اسلام آباد ۾ ادا ڪئي ويندي، افضل خان پي ايف يو جي جو باني ميمبر هو ۽ هن پاڪستان ۾ اظهار راءِ جي آزادي لاءِ جدوجهد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، افضل خان اي پي پي ۾ 35 سالن تائين خدمتون سرانجام ڏنيون جتان هو ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر جي حيثيت سان رٽائر ٿيو، هو 10 سالن تائين واشنگٽن ۾ اي پي پي جو نمائندو رهيو، افضل خان 1937ع تي سيالڪوٽ جي ويجهو نوشهره ۾ پيدا ٿيو، هن گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان گريجوئيشن ڪئي، آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير اعزاز احمد چوڌري، سينئر صحافين محمد ضياءُ الدين، شاهين صهبائي ۽ پاڪستاني – آمريڪن پريس ايسوسيئيشن افضل خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.