مريم اورنگزيب پي ٽي وي پشاور سينٽر ۾ باهه لڳڻ جي واقعي جو نوٽيس ورتو

مريم اورنگزيب پي ٽي وي پشاور سينٽر ۾ باهه لڳڻ جي واقعي جو نوٽيس ورتو

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 15دسمبر2017ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب پاڪستان ٽيلي ويزن پشاور سينٽر ۾ باهه لڳڻ جي واقعي جو نوٽيس وٺندي واقعي جي مڪمل جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي آهي جيڪا باهه لڳڻ جي سببن ۽ واقعي جي ذميدارن جو تعين ڪندي. جمعي ڏينهن مملڪتي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي بيان ۾ چيو ته پي ٽي وي هيڊ آفيس مان خصوصي ٽيمون پشاور روانيون ڪيون ويون آهن ته جيئن نشريات ۾ ڪنهن قسم جي رڪاوٽ نه اچي، هن چيو ته الله تعاليٰ جو شڪر آهي جو ان واقعي ۾ ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو.