پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي ۽ 2018ع ۾ ٻيهر حڪومت ٺاهيندي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي ۽ 2018ع ۾ ٻيهر حڪومت ٺاهيندي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

مظفر آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 15دسمبر2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي عوامي تائيد سان 2018ع جي عام چونڊن ۾ هڪ دفعو ٻيهر حڪومت ٺاهيندي، ڪنهن سازش کان ڊڄڻ وارا نه آهيون، عوام جي طاقت سان اقتدار ۾ آيا آهيون ۽ 2018ع ۾ عوامي حمايت ۽ تائيد سان انشاءُ الله ٻيهر حڪومت قائم ڪنداسين، پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي قدمن سبب الحمد الله پاڪستان بجلي ۾ پاڻڀرو ٿي چڪو آهي، هن وقت اسان جي بجلي جي صلاحيت طلب کان وڌيڪ آهي، مختلف منصوبن ۽ پڄاڻي جي ويجهو منصوبن جي پڄاڻي کانپوءِ پاڪستان 2030ع تائين بجلي جي پيداوار ۾ پاڻڀرو رهندو. مسلم ليگ (ن) جي ساڍا چئن سالن جي ڀيٽ 2002ع کان وٺي 2013ع تائين ٺهندڙ حڪومتن جي ڪم سان ڪئي وڃي، هو جمعي ڏينهن هتي 147 ميگاواٽ پترنڊ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، ان موقعي تي آزاد ڪشمير جو صدر سردار مسعود خان، وزيراعظمر راجا فاروق حيدر، وفاقي وزير برجيس طاهر، آزاد ڪشمير جو چيف سيڪريٽري، آزاد ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي جي وزيرن سميت پترنڊ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جا اعليٰ عملدار موجود هئا. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي منصوبي جي تڪميل تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته هي پاڪستان ۽ ڪوريا جي دوستي جو هڪ اهم منصوبو آهي جنهن سان آزاد ڪشمير ۾ بجلي جون ضرورتون پوريون ٿينديون، منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ اسان جي لاءِ خوشي جو باعث آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي قدمن سبب الحمد الله پاڪستان بجلي ۾ پاڻڀرو ٿي چڪو آهي، هن وقت اسان جي بجلي جي صلاحيت طلب کان وڌيڪ آهي ۽ مختلف منصوبن ۽ پڄاڻي جي مرحلي ۾ منصوبن جي تڪميل کانپوءِ پاڪستان 2030ع تائين بجلي جي پيداوار ۾ پاڻڀرو رهندو. وزيراعظم چيو ته هي ڪا معمولي ڳالهه ناهي، آئون سدائين اها ڳالهه چوندو پيو اچان ته 2002ع کان وٺي 2013ع تائين جي حڪومتن ۽ موجوده حڪومت جي ساڍي چئن سالن جي ڀيٽ ڪئي وڃي، گذريل 70 سالن ۾ مختلف حڪومتن 20 هزار ميگاواٽ بجلي جي پيداوار ڏني، اسان ساڍا چئن سالن ۾ قومي گرڊ ۾ 10 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي شامل ڪئي آهي، هن وقت ڪيترائي هزار ميگاواٽ جا منصوبا پڄاڻي جي ويجهو آهن، هن چيو ته نيلم جهلم منصوبي جو پهريون فيز فيبروري 2018ع ۽ ٻيو فيز جون 2018ع ۾ مڪمل ٿيندو، هي منصوبو ڏهاڪن کان التوا ۾ پيل هو ۽ ان تي ڪا به اڳڀرائي نه ٿي رهي هئي، پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت محمد نواز شريف جي قيادت ۾ انهن منصوبن تي ڪم جو نئين سري سان آغاز ڪيو ۽ انهن کي مڪمل ڪيو، ٽي وي تي جيڪي ماڻهو ويهي تبصرا ڪندا آهن انهن کي چئلينج ڪريان ٿو ته هو مسلم ليگ (ن) جي ساڍا چئن سالن جي ڀيٽ 2002ع کان وٺي 2013ع تائين ٺهندڙ حڪومتن جي ڪم سان ڪن، جيترو ڪم ساڍا چئن سالن ۾ ٿيو آهي اهو گذريل 10، 12 سالن ۾ نه ٿي سگهيو، لواري ٽنل جو منصوبو به مسلم ليگ (ن) جي حڪومت مڪمل ڪيو ۽ ان لاءِ وڏا فنڊ فراهم ڪيا ويا، ڀاشا ڊيم منصوبي جون ڪيترائي ڀيرا تختيون لڳايون ويون، اڄ ان منصوبي تي ڪم ٿي رهيو آهي، وزيراعظم چيو ته بجلي ۽ پاڻي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ حڪومت سنجيده سان قدم کڻي رهي آهي، گوادر جي ترقي جو منصوبو به پراڻو هو پر هي ڪريڊٽ موجوده حڪومت ڏانهن وڃي ٿو جنهن گوادر جي ترقي لاءِ جامع قدم کنيا، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو موٽر وي 90ع جي ڏهاڪي ۾ ٺهي هئي، ان کانپوءِ ڪو به ڪم نه ٿيو، ان دوران ڪيترائي اڳواڻ آيا ۽ انهن وڏيون وڏيون دعوائون ڪيون پر عملي طور ڪو به ڪم نه ٿي سگهيو، هاڻي ڪراچي تائين موٽر ويز جو نيٽ ورڪ قائم ڪيو پيو وڃي، اهڙي طرح ڪراچي کان حيدرآباد تائين رستن جي تعمير جي منصوبا مڪمل ڪيا ويا، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت نه رڳو نوان منصوبا شروع ڪندي آهي پر انهن کي مڪمل به ڪندي، وزيراعظم چيو ته نندي پور جي منصوبي تي به تمام گهڻي تنقيد ٿيندي رهي، هي منصوبو 2006ع ۾ شروع ٿيو ۽ 2013ع تائين ان تي ڪا خاص اڳڀرائي نه ٿي، موجوده حڪومت ان منصوبي کي مڪمل ڪيو ۽ اڄ ان منصوبي مان قومي گرڊ ۾ 450 ميگاواٽ بجلي شامل ٿي رهي آهي، وزيراعظم چيو ته آزاد ڪشمير ۾ هن وقت جيڪا حڪومت قائم آهي اها عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن اسان 2013ع ۾ اقتدار ۾ آياسين ته آزاد ڪشمير ۾ بدعنوان حڪومت جي باوجود اسان ڪو قدم نه کنيو ڇو ته اسان هي سمجهون ٿا ته هي فيصلو عوام کي ڪرڻ گهرجي ته هو ڪنهن کي اقتدار ۾ آڻي ٿي، پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڪو به فرق نٿي ڪري، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت آزاد ڪشمير جو ترقياتي بجيٽ 11 ارب مان وڌائي 22 ارب ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم چيو ته 18 هين ترميم جي منظوري ۾ سمورين سياسي پارٽين حصو ورتو هو پر مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ان تي عملدرآمد ڪرائي ڏيکاريو، صوبن کي جيترا پئسا ۽ وسيلا موجوده حڪومت فراهم ڪيا آهن ان جو مثال نٿو ملي، هاڻي هي صوبن جي ذميداري آهي ته هو عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ قدم کڻن. وزيراعظم چيو ته موجوده جمهوري حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي اسان کي ڪنهن سازش کان ڪو به خوف ناهي ۽ نه ئي اسان سياسي يتيم آهيون، موجوده حڪومت ايندڙ سال جون تائين پنهنجو مدو پورو ڪندي، حڪومت جي مدي جي تڪميل کانپوءِ پاڪستان جي عوام هي فيصلو ڪندي ته هو ڪنهن کي اقتدار ۾ آڻڻ چاهي ٿي، پاڪستان جي عوام ڄاڻي ٿي ته ڪير ڪم ڪري ٿو ۽ ڪير صرف دعوائون ڪري ٿو، ان لاءِ اسان کي ڪنهن سازش کان ڪو به خوف ناهي، اسان عوام جي طاقت سان اقتدار ۾ آيا آهيون ۽ انشاءُ الله عوامي حمايت ۽ تائيد سان 2018ع ۾ پنهنجي ڪارڪردگي جي بنياد تي ٻيهر اقتدار ۾ اينداسين، هن منصوبي جي تڪميل تي سمورين لاڳاپيل ڌرين جو ٿورو ادا ڪيو، وزيراعظم چيو ته آزاد ڪشمير جي حڪومت سٺو ڪم ڪري رهي آهي، وفاقي حڪومت آزاد ڪشمير ۾ عوامي ترقي ۽ خوشحالي جي منصوبن جي ڏس ۾ ڀرپور ساٿ ڏيندي.