وفاقي حڪومت پاران احمد نواز سکيرا کي پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جون اضافي ذميواريون حوالي

وفاقي حڪومت پاران احمد نواز سکيرا کي پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جون اضافي ذميواريون حوالي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 11دسمبر2017ء) وفاقي حڪومت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سيڪريٽري احمد نواز سکيرا کي پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جون اضافي ذميواريون ڏئي ڇڏيون آهن. ڪالهه سومر ڏينهن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران جاري پڌرائي موجب اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سيڪريٽري احمد نواز سکيرا کي پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جون اضافي ذميواريون ڏنيون ويون آهن. احمد نواز سکيرا پي ٽي وي ۾ ايم ڊي پي ٽي وي جي نه هجڻ سبب پيش ايندڙ چئلينجز، ملڪ جي مختلف حصن ۾ پي ٽي وي جي نشريات کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ بوسٽرز هڻڻ جي منصوبن کي تيز ڪرڻ، ڪانٽريڪٽ ۽ ڊيلي ويجز ملازمن جي پگهارن جي مسئلن جي حل سميت ٻيا انتظامي معاملا هلائيندو.