اسان ايم ڪيو ايم لنڊن ۽ تحريڪ جي باني کي پاڻ کان جدا ڪري ڇڏيو آهي: ڊاڪٽر فاروق ستار

اسان ايم ڪيو ايم لنڊن ۽ تحريڪ جي باني کي پاڻ کان جدا ڪري ڇڏيو آهي: ڊاڪٽر فاروق ستار

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 02 ستمبر 2016ء) متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي قائد ڊاڪٽر فاروق ستار هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته اسان ايم ڪيو ايم لنڊن ۽ تحريڪ جي باني کي پاڻ کان جدا ڪري ڇڏيو آهي، اسان پاڪستان کان اڳ پاڪستان جا شهري ۽ تحريڪ پاڪستان ۾ جانيون ڏيندڙن جو اولاد آهيون، پاڪستان سان اسان جي محبت ۽ وابستگي غيرمشروط آهي، ڪراچي جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻو پوندو، ڪراچي کي مٽرو ٽرين جي ضرورت آهي، الطاف حسين جي بيان کانپوءِ جيڪڏهن ڪو معافي نامو آيو آهي ته اهو به سامهون اچڻ گهرجي. ڪالهه جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي پنهنجي موقف ٻڌائيندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته 22 آگسٽ جو ڏينهن اسان جي لاءِ به وڏو ڏينهن آهي. تحريڪ جي باني هڪ لڪير ڇڪي ته اسان تحريڪ جي باني کي پاڻ کان جدا ڪري ڇڏيو، اسان لنڊن ۽ تحريڪ جي باني کان پاڻ کي جدا ڪري ڇڏيو آهي. اها ڳالهه رڪارڊ تي هئي. هن چيو ته اسان پاڪستان جا شهري پاڪستان کان اڳ به هئاسين. هن چيو ته اسان اڄ اهو ثابت ڪري رهيا آهيون ته اسان انهن ئي ماڻهن جو اولاد آهيون جن تحريڪ پاڪستان ۾ جانين جا نذرانا ڏنا. هاڻي به بنگلاديش جي اڪثريت پاڪستاني شهريت کي ناهي ڇڏيو، اسان انهن کي ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسان جي دعويٰ آهي ته سڀاڻي تاريخ لکندڙ اهو ضرور لکندو ته پاڪستان سان اسان جي محبت ۽ وابستگي غيرمشروط آهي. هن چيو ته اسان وٽ جيڪو ڪجهه آهي اهو اسان پاڪستان تي قربان ڪري چڪا آهيون. پاڪستان جي لاءِ عزت ۽ آبرو جا نذرانا ڏنا ويا آهن ۽ پنهنجو سڀ ڪجهه لٽائي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن هڪ بيان ڏنو ويو آهي ته ان جي آڙ ۾ پوري طبقي کي ديوار سان لڳائڻ جي اجازت نه ڏينداسين. هي ايوان به اسان جي عزت ۽ آبرو جي لڄ رکندو. معاملو پاڪستان مخالف نعرن کي رد ڪرڻ جو نه آهي، ان کي ته پوري قوم رد ڪري ڇڏيو. معاملو اهو آهي ته پاڪستان زندهه آباد چوندڙن کي قبول ڪيو وڃي ۽ زمين جي پٽن ۾ تسليم ڪيو وڃي، تڪراري تقرير ۽ 22 آگسٽ جي بيان جي ڳالهه نه ٿا ڪريون، ان جي صفائي نه ڏيندس، پاڪستان جي وحدت ۽ سلامتي جي لاءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان هڪ پارٽي بڻجي اٿي آهي ۽ پاڪستان جي خلاف جيڪي نعرا هنيا ويا اهي هڪ طرف بيٺل آهن. هن چيو ته ڪوٽا سسٽم سنڌ ۽ پاڪستان ۾ انسانيت ۽ فرق جي بنياد وڌو اهو ختم ٿي چڪو آهي، پارليامينٽ مان ڪوٽا سسٽم کي 40 سال گذرڻ کانپوءِ منظور نه ڪرايو ويو، ڊي جي رينجرز ايپيڪس ڪميٽي ۾ ڪوٽا سسٽم جي حوالي سان جيڪو بيان ڏنو آهي ان جي آجيان ڪريون ٿا. پاڪستان ۾ ڪو ٻيو اوڀر پاڪستان يا بنگلاديش نه ٺهندو پر اهڙيون حالتون به نه ٿيڻ گهرجن. ڪوٽا سسٽم ختم ٿيڻ جي باوجود ڪوٽا سسٽم تي نوڪريون ڏنيون پيون وڃن جيڪو غيرآئيني آهي، ڪنهن ان جو نوٽيس ورتو؟ اسان قرارداد ۾ سموريون ڳالهيون لکيون آهن، اسان پاڪستان سان وفاداري، حب الوطني جو حلف کڻون ٿا. ملڪ ۾ نوان انتظامي يونٽس ٺهڻ ۽ مقامي حڪومتن کي تحفظ ڏيڻ جي ضرورت آهي. تحريڪ جي باني کان پاڻ کي جدا ڪري به اسان قرباني ڏني آهي. ڪراچي جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻو پندو، ڪراچي کي ميٽرو ٽرين جي ضرورت آهي. هن چيو ته الطاف حسين جي بيان کانپوءِ جيڪڏهن ڪو معافي نامو آيو آهي ته اهو به سامهون اچڻ گهرجي. ڏوهاري کي صفائي جو موقعو به ملڻ گهرجي. جيڪڏهن سياسي طور تي مسئلا حل نه ٿيندا ته نون صوبن جا مطالبا ايندا.