قومي اسيمبلي جو اجلاس 35 هون اجلاس 9 سيپٽمبر تائين جاري رهندو

قومي اسيمبلي جو اجلاس 35 هون اجلاس 9 سيپٽمبر تائين جاري رهندو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 02 ستمبر 2016ء) قومي اسيمبلي جو اجلاس 35 هون اجلاس 9 سيپٽمبر تائين جاري رهندو، ان ڳالهه جو فيصلو ڪالهه جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي سربراهي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي، وفاقي وزير زاهد حامد، برجيس طاهر، شيخ آفتاب احمد، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، پيپلزپارٽي جو ميمبر سيد نويد قمر، ايم ڪيو ايم جو ميمبر اقبال محمد علي خان ۽ شيخ صلاح الدين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران 35 هين سيشن جي ايجنڊا تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته اجلاس 9 سيپٽمبر تائين جاري رهندو.