سردار اياز صادق پاران قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر تائين ملتوي

سردار اياز صادق پاران قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر تائين ملتوي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 02 ستمبر 2016ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر ڏينهن شام 5 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. سومر ڏينهن به ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين جي پاڪستان جي خلاف زهر اوڳاڇڻ ۽ پاڪستان مخالف نعرن تي بحث جاري رهندو. ڪالهه جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته سمورا پارلياماني اڳواڻ ۽ ميمبر ان معاملي تي ڳالهائڻ چاهين ٿا پر اڄ وقت گهٽ آهي، ڇا ان بحث کي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيون، ان حوالي سان ميمبر راءِ ڏين، سيد نويد قمر راءِ ڏني ته ان معاملي تي وڌيڪ بحث سومر تي ڪيو وڃي، جنهن تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته نئين مائنس الطاف ايم ڪيو ايم جا ميمبر به ان معاملي تي ڳالهائڻ چاهين ٿا ان جي لاءِ اجلاس سومر ڏينهن شام 5 وڳي تائين ملتوي ڪيو پيو وڃي.