ميمبر شايع ٿيندڙ ٽيڪس ڊائريڪٽري ڏسي وٺن: سردار اياز صادق

ميمبر شايع ٿيندڙ ٽيڪس ڊائريڪٽري ڏسي وٺن: سردار اياز صادق

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 02 ستمبر 2016ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سمورن پارلياماني ميمبرن کي هدايت ڪئي آهي ته هو شايع ٿيندڙ ٽيڪس ڊائريڪٽري ڏسي وٺن، ڪجهه ميمبرن پاران اها شڪايت سامهون آئي آهي ته هنن پنهنجا ٽيڪس ريٽرن داخل ڪيا آهن، تنهن هوندي به اسپيڪر آفيس کي ڏنل فهرست ۾ انهن جا نالا ڏنا ويا آهن. ڪالهه جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران اسپيڪر چيو ته کيس اهڙن پارليامينٽرين جي لسٽ ڏني وئي آهي جن ٽيڪس ريٽرن داخل ناهن ڪيا جيتوڻيڪ ان ۾ اسان جي هڪ اهڙي ميمبر جو به نالو آهي جنهن مون کي پنهنجو داخل ڪيل ريٽرن به ڏيکاريو آهي، ٽيڪس ڊائريڪٽري شايع ٿي آهي، سمورا ميمبر اها لسٽ ڏسي وٺن.