قومي اسيمبلي ۾ پاڪستان ڪميشن آف انڪوائري 2016ع بل پيش

قومي اسيمبلي ۾ پاڪستان ڪميشن آف انڪوائري 2016ع بل پيش

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 02 ستمبر 2016ء) قومي اسيمبلي ۾ پاڪستان ڪميشن آف انڪوائري 2016ع بل پيش ڪيو ويو، ان تحت ڪميشن آف انڪوائري سمورن معاملن جي جاچ ڪري سگهندي، ڪميشن عدالتي، تحقيقاتي ۽ غيرملڪي ثبوت حاصل ڪري سگهي ٿي ۽ ڪميشن ڪنهن کي به جاچ لاءِ نامزد ڪري سگهندي، هي نه رڳو پاناما پيپرز پر ڪنهن ٻئي ملڪ جي حوالي سان به جاچ ڪري سگهندي. ڪالهه جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد پاڪستان ڪميشن آف انڪوائري 2016ع ايوان ۾ پيش ڪيو، بعد ۾ وفاقي وزير زاهد حامد بل جا مقصد ٻڌائيندي چيو ته وزيراعظم جڏهن پاناما پيپرز جي حوالي سان قوم کي خطاب ڪيو هو ان کانپوءِ حڪومت سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪيو ته فوري طور تي ان جي جاچ لاءِ ڪميشن قائم ڪئي وڃي، سپريم ڪورٽ ان بابت حڪم ڏنو ته جيڪا ڪميشن 1956ع جي ايڪٽ تحت ٺاهي پئي وڃي ان جو اسڪوپ محدود آهي، ان جا ٽي او آرز تمام وسيع آهن، هو چاهين ٿا ته جيڪي ڌريون متاثر ٿين ٿيون انهن جي فهرست ٺاهي ڏني وڃي، جنهن کانپوءِ پارلياماني ڪميٽي قائم ٿي، جنهن جا 8 اجلاس ٿيا، اسان لچڪ به ڏيکاري پر ان جي باوجود ٽي او آرز ڪميٽي ۾ ڊيڊ لاڪ جي صورتحال درپيش آهي، مخالف ڌر جو مطالبو هو ته انهن جا سمورا ٽي او آرز جيئن جو تيئن تسليم ڪيا وڃن، اها ڳالهه صحيح نه آهي ته اسان ڪميشن محدود دائري جي طور تي ٺاهي آهي، مخالف ڌر جو بل هڪ طرفو آهي، اسان مجبوري تحت بل پيش ڪيو آهي، اسان جو بل رڳو پاناما پيپرز جي حوالي سان نه آهي، ان بل تحت ڪميشن آف انڪوائري سمورن معاملن جي جاچ ڪري سگهندي، ڪميشن جا اختيار وڌايا ويا آهن، اها ڪميشن عدالتي، تحقيقاتي ۽ غيرملڪي ثبوت حاصل ڪري سگهندي ۽ ڪميشن ڪنهن کي به جاچ لاءِ نامزد ڪري سگهندي، هي نه رڳو پاناما پيپرز پر ڪنهن ٻئي ملڪ جي حوالي سان به جاچ ڪري سگهندي، مخالف ڌر بل ۾ رڳو وزيراعظم کي نظر ۾ رکيو آهي، هن پي ٽي آءِ جي ماڻهن کي ان مان ڪڍي ڇڏيو آهي، اهو بل ڪميٽي ڏانهن ويندو اميد آهي ته ايوان ان کي منظور ڪري وٺندو. سيد نويد قمر چيو ته هي بل جيڪو متعارف ٿيو آهي تعارفي سطح تي ان تي بحث نه ٿو ٿي سگهي، ڪميٽي ۾ بحث کانپوءِ جڏهن بل واپس اچي ٿو ته ان تي بحث ٿيندو آهي مخالف ڌر ان حوالي سان اسيمبلي ۽ اسيمبلي کان ٻاهر سوال کڻندا. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جي جيڪا اسپرٽ هئي ان جي نفي ڪئي وئي آهي.