پاڪ چين اقتصادي لنگهه پاڪ چين دوستي کي 65 سال مڪمل ٿيڻ جي علامت آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

پاڪ چين اقتصادي لنگهه پاڪ چين دوستي کي 65 سال مڪمل ٿيڻ جي علامت آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 02 ستمبر 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه نه رڳو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ واپاري معاهدو آهي پر اهو 65 سالن جي پاڪ چين دوستي کي مڪمل ٿيڻ جي علامت آهي. هن اها ڳالهه ايس بي پي/ايس پي آءِ سي چيني گروپ جي چيئرمين وانگ يودان سان ڪالهه جمعي ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪئي. وزيراعظم پاڪ چين لاڳاپن کي سدابهار ۽ گهري دوستي قرار ڏيندي چيوته ٻئي ملڪ اعتماد ۽ خلوص جي جذبي سان سدائين هڪ ٻئي جي مدد ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته گڏجي ڪم ڪندي اسان پنهنجي عوام جي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي ذريعي خطي ۾ امن ۽ استحڪام آڻي سگهون ٿا. هن ان ڳالهه کي ورجايو ته اقتصادي محرومين کان ڇوٽڪارو ۽ امن ۽ خوشحالي کي حاصل ڪرڻ ۾ سي پيڪ نه رڳو پاڪستان جي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو پر ان سان سڄي خطي جو مقدر به بدلجي ويندو. هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ خوشحالي جي هڪ جهڙن مقصدن تي ٻڌل سفارتڪاري جو نئون تصور آهي. ان منصوبي سان غربت، بيروزگاري ۽ جهالت ختم ٿيندي، چيني ڪمپني جي چيئرمين گرمجوشي سان آجيان ۽ فراخدلاڻي مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي حڪومت جي اقتصادي ۽ مالياتي پاليسين کي ساراهيو جنهن سان ملڪ جي اقتصادي بحالي ۾ مدد ملي. هن چيو ته سي پيڪ کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي حڪومت جو عزم ساراهه جوڳو آهي.