ترڪيءَ جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيون ٿا: وزيراعظم محمد نواز شريف

ترڪيءَ جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيون ٿا: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 02 ستمبر 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ترڪيءَ جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ بنيادي ڍانچي ۽ توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني آهي. هو ڪالهه جمعي ڏينهن هتي ترڪيءَ جي پرڏيهي اقتصادي لاڳاپا بورڊ جي چيئرمين عمر چيها دوردان سان ڳالهائي رهيو هو جيڪو پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي تازي ترڪيءَ جي دوري کانپوءِ ٿيندڙ پاڪستان ترڪيءَ بزنس ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ سدائين مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل تاريخ آهي، انهن کي پنهنجي لاڳاپن کي هر رخ کان مضبوط ڪرڻ گهرجي، ترڪيءَ جي پرڏيهي اقتصادي لاڳاپن جي چيئرمين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم نواز شريف جي قيادت کي ساراهيو. ملاقات ۾ واپار وارو وفاقي وزير خرم دستگير خان، پرڏيهي معاملن وارو وزيراعظم جو خصوصي صلاحڪار طارق فاطمي ۽ سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين مفتاح اسماعيل پڻ موجود هئا.