قومي اسيمبلي پاران الطاف حسين جي چڙ ڏياريندڙ تقرير ۽ پاڪستان مخالف نعرن جي مذمت

قومي اسيمبلي پاران الطاف حسين جي چڙ ڏياريندڙ تقرير ۽ پاڪستان مخالف نعرن جي مذمت

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 02 ستمبر 2016ء) قومي اسيمبلي الطاف حسين جي چڙ ڏياريندڙ تقرير ۽ پاڪستان مخالف نعرن جي سخت مذمت ڪندي مذمتي قرارداد متفقه طور تي منظور ڪري ورتي آهي جڏهن ته قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته اهڙن سڀني ماڻهن جي خلاف سخت کان سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي. ڪالهه جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وفاقي وزير چوڌري برجيس طاهر قرارداد پيش ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو ته هي ايوان ايم ڪيو ايم جي بک هڙتال دوران پاڪستانس مخالف نعرا هڻڻ، الطاف حسين جي چڙ ڏياريندڙ تقرير کي پاڪستان جي حساس، بقاءَ ۽ سالميت تي حملو تصور ڪري ٿو جيڪو مذمت جوڳو آهي، هي ايوان ميڊيا هائوسز خاص طور تي اي آر وائي ٽي وي چينل تي حملن جي پڻ سخت مذمت ڪري ٿو، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان ڪنهن به پاران هر قسم جي ڏوهن، تشدد، دهشتگردي يا پاڪستان مخالف نعرن، اهڙين ڪاررواين جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ مطالبو ڪري ٿو ته اهڙن سمورن ماڻهن جي خلاف سخت کان سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينٽ، هٿياربند فوج، ميڊيا، عدليه ۽ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين موجب ڪم ڪندڙ سمورن جمهوري ادارن سان گڏ هي ايوان پنهنجي مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. اسپيڪر قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي، جنهن کي متفقه طور تي منظور ڪيو ويو.