ڊائريڪٽوريٽ آف اميگريشن اينڊ پاسپورٽ گذريل 5 سالن دوران 86 ارب رپين کان وڌيڪ جو روينيو ڪمايو آهي: مريم اورنگزيب

ڊائريڪٽوريٽ آف اميگريشن اينڊ پاسپورٽ گذريل 5 سالن دوران 86 ارب رپين کان وڌيڪ جو روينيو ڪمايو آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 02 ستمبر 2016ء) وفاقي گهرو پارلياماني سيڪريٽري مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڊائريڪٽوريٽ آف اميگريشن اينڊ پاسپورٽ گذريل 5 سالن دوران 86 ارب رپين کان وڌيڪ جو روينيو ڪمايو آهي، شناختي ڪارڊ، لسانيت يا علائقي جي بنياد تي بلاڪ ناهن ڪيا ويندا، شناختي ڪارڊ جي تصديق جي مهم جاري آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران ساجده احمد جي سوال جي جواب ۾ وفاقي گهرو پارلياماني سيڪريٽري مريم اورنگزيب ٻڌايو ته گذريل 5 سالن دوران فيڊرل بورڊ آف اميگريشن ۽ پاسپورٽ 86 ارب 57 ڪروڙ 10 لک جو روينيو ڪمايو آهي. غلام احمد بلور جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته ڪنهن به شناختي ڪارڊ کي بلاڪ ڪرڻ جو سبب لسانيت يا علائقيت نه آهي، ان کي بلاڪ ڪرڻ جا سبب هر هڪ شهري جي لاءِ هڪ جهڙا آهن، فيملي ٽري ۾ جيڪڏهن ڪو غيرفيملي ميمبر داخل ٿيل آهي ته ان جي تصديق ڪئي پئي وڃي، اسپيڪر چيو ته اسان حڪومت ۽ مخالف ڌر کي ان مسئلي تي پارلياماني ڪميٽي بڻائڻ جي لاءِ خط موڪلي ڇڏيا آهن، اهو سنجيده مسئلو آهي ۽ هر هڪ تڪ ۾ آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ گهرو پارلياماني سيڪريٽري ٻڌايو ته وزيراعظم جي هدايت تي اسلام آباد ۾ زمين جي رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ جي نظرثاني ٿيل پي سي ون 15 ڪروڙ 13 لک رپين جي لاڳت سان تيار ڪيو ويو آهي، ان جي منظوري هڪ ٻن مهينن تائين متوقع آهي، جنهن کانپوءِ ٻن سالن ۾ اها زمين ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ جي ڊيڊ لائين ڏني وئي آهي، اهو منصوبو نومبر ۾ گهرو وزارت جي حوالي ڪيو ويو آهي 16:37