قومي اسيمبلي ۾ مردان ۽ پشاور بم ڌماڪن ۾ مارجي ويلن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني

قومي اسيمبلي ۾ مردان ۽ پشاور بم ڌماڪن ۾ مارجي ويلن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 02 ستمبر 2016ء) قومي اسيمبلي ۾ مردان ۽ پشاور بم ڌماڪن ۾ مارجي ويلن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. ڪالهه جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران اعتراض واري نقطي تي جماعت اسلامي جي اڳواڻ صاحبزاده طارق الله چيو ته مردان ۽ پشاور ۾ ڌماڪا ٿيا آهن، انهن ۾ مارجي ويلن جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي وڃي، اسپيڪر جي چوڻ تي صاحبزاده طارق الله مرحومن جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي، حاجي غلام احمد بلور چيو ته ڌماڪا ٿيندا رهندا ۽ اسان دعائون ڪندا رهنداسين.