هر ماڻهو اهو تسليم ڪري ته فيصلو ووٽ جي ذريعي ئي ٿي سگهي ٿو: صدر ممنون حسين

هر ماڻهو اهو تسليم ڪري ته فيصلو ووٽ جي ذريعي ئي ٿي سگهي ٿو: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 07دسمبر2017ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته معاشري جو هر ماڻهو دل ۽ جان سان اهو تسليم ڪري وٺي ته ان جي قسمت جو فيصلو صرف ۽ صرف ووٽ جي ذريعي ئي ٿي سگهي ٿو، ان لاءِ ضروري آهي ته چونڊ نظام کي فعال، تيز رفتار ۽ شفاف بڻائڻ کانسواءِ ٻارن جي ذهنن ۾ به شروعاتي عمر کان ئي ووٽ جو تقدس نقش ڪيو وڃي، ان مقصد جي لاءِ جيڪڏهن تعليمي نصاب کان مدد وٺڻ جي ضرورت هجي ته اها به ورتي وڃي ۽ معاشرتي سطح تي جن قدمن جي ضرورت هجي اهي به بنا ڪنهن ڊپ جي ڪيا وڃن. هن اها ڳالهه خميس ڏينهن ووٽرن جي قومي ڏينهن جي حوالي سان ايوان صدر ۾ منعقد ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي چئي. تقريب ۾ گهرو وفاقي وزير ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر به شريڪ هئا. صدر ممنون حسين چيو ته اڄ اسان ووٽرن جو قومي ڏينهن ان خوشخبري سان ملهائي رهيا آهيون ته اسان جو چونڊ نظام جديد عهد ۾ داخل ٿي ويو آهي، هن چيو ته موبائيل فون ايپلي ڪيشن جي افتتاح کانپوءِ پاڪستان جو هر ووٽر ان جي مدد سان پنهنجي ووٽ سان لاڳاپيل سمورن تفصيلن کان آگاهه ٿي سگهندو. چونڊ نظام ۾ وڌيڪ بهتري، تيز رفتاري ۽ شفافيت لاءِ بايو ميٽرڪ ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ جهڙا تجربا به ڪيا ويا آهن جيڪي ان شعبي کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪندا. هن چيو ته چونڊ نظام جي فني معاملا يقينن تمام گهڻا اهم آهن جنهن کي بهتر بڻائڻ لاءِ انهي فڪرمندي ۽ جانفشاني جي ضرورت آهي جنهن جو عڪس اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين رياستي ادارن جي سرگرمين ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو پر هي ڳالهه ضرور نظر ۾ رکڻ گهرجي ته فني نظام ۽ قانوني ڍانچو ان وقت تائين بي روح ۽ بي معنيٰ رهي ٿو جيستائين ڪنهن نظام کي اعتبار ڏيندڙ ۽ معتبر بڻائڻ جي لاءِ ٺوس قدم نه کنيا وڃن. هن چيو ته ٺوس قدمن جو هڪ مطلب هي به آهي ته اسان جي ذهنن ۾ ووٽ جي حرمت ۽ تقدس نقش ٿي وڃي. اليڪشن ڪميشن طرفان هر سال قومي ووٽر ڏينهن ملهائڻ جو قدم ان سلسلي جي ڪڙي آهي، ان سان ووٽ جي اهميت اجاگر ٿيندي ۽ ماڻهو وڌ کان وڌ تعداد ۾ پنهنجي ووٽ داخل ڪرائي قومي فرض نڀائيندا. صدر ممنون حسين چيو ته چونڊ عمل کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ جديد رجحانن سان هم آهنگ ڪندي گهٽ پڙهيل ۽ گهٽ آمدني رکندڙ طبقن جو خيال به رکيو وڃي ۽ پراڻي طور طريقن ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي وچ ۾ اهڙو توازن پيدا ڪيو وڃي جنهن سان نظام جي فعاليت ۾ ڪا به رڪاوٽ پيدا نه ٿئي، هن چيو ته قاعدن ۽ ضابطن جي روح کي برقرار رکندي ڪجهه اهڙا غير روايتي طور طريقا اختيار ڪرڻ ضروري هوندا آهن جنهن سان مقصد حاصل ڪرڻ ۾ وڌيڪ آساني پيدا ٿي سگهي مثال طور ووٽرن جي تربيت جي نظام ۾ وڌيڪ سگهه پيدا ڪرڻ جي لاءِ معاشري جي ٻين طبقن يعني سياسي پارٽين ۽ مسجدن سميت ڪجهه معاشرتي ادارن کي شريڪ ڪرڻ به مفيد ثابت ٿي سگهي ٿو. صدر ممنون حسين چيو ته اليڪشن ڪميشن جي قدمن مان خبر پوي ٿي ته هو چونڊ عمل کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ سول سوسائيٽي سميت رياست جي ٻين ادارن کان به مدد حاصل ڪري رهيو آهي. هي خوش آئنده آهي پر ڪجهه وقت انگ اکر ۽ ڪاغذن ۾ ڏيکاءُ ڏيندڙ اڳڀرائي زميني حقيقتن سان هم آهنگ ناهي هوندي. هن چيو ته چونڊ قانونن جي بهتري هڪ مسلسل عمل آهي جنهن ۾ پارليامينٽ، سياسي پارٽيون، ٿنڪ ٽينڪ ۽ ٻيا معاشرتي ادارا اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. اسان وٽ هتي هي عمل جاري آهي، ان وڏي مقصد جي لاءِ لاڳاپيل ادارن ۽ معاشري جي ٻين طبقن يقينن وڏي محنت ڪئي آهي. قوم اميد ڪري ٿي ته ايندڙ عام چونڊن جي راهه ۾ ايندڙ ٻيون فني مشڪلاتون به انهي آساني سان ختم ٿي وينديون، تقريب کي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري به خطاب ڪيو.