وزيراعظم سان ڪيڊٽ ڪاليج قلعه سيف الله جي شاگردن جي ملاقات

وزيراعظم سان ڪيڊٽ ڪاليج قلعه سيف الله جي شاگردن جي ملاقات

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 06دسمبر2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان اربع ڏينهن هتي وزيراعظم آفيس ۾ ڪيڊٽ ڪاليج قلعه سيف الله جي شاگردن ملاقات ڪئي، هي ملاقات وزيراعظم طرفان نوجوانن کي اعليٰ ترين آفيس جي دوري تي گهرائڻ جي قدمن جو حصو آهي. وزيراعظم شاگردن سان انهن جي تعليم، مصروفيت ۽ دلچسپي جي معاملن جي باري ۾ معلومات حاصل ڪئي ۽ جمهوري دورن جي طريقيڪار، پارليامينٽ جي ڪردار ۽ شهرين جي ذميدارين بابت سوالن جا جواب ڏنا. شاگردن وزيراعظم آفيس جي دوري جو موقعو فراهم ڪرڻ تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته ان سان کين حڪومت جي طريقيڪار کي سمجهڻ ۾ گهري آگاهي ٿي آهي. وزيراعظم تازو ئي شاگردن جي ان طرح جي ڪيترن ئي وفدن سان ملاقاتون ڪيون آهن.