صدر علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي ريسرچ جرنل کي خصوصي ايوارڊ ڏنو

صدر علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي ريسرچ جرنل کي خصوصي ايوارڊ ڏنو

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 06دسمبر2017ء) صدر ممنون حسين ڪنوينشن سينٽر ۾ عيد ميلادالنبي صه جي حوالي سان منعقد تقريب ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي ”سيرت اسٽيڊيز“ تي ريسرچ جرنل کي 2017ع جو بهترين تعليمي اشاعت قرار ڏيڻ تي خصوصي ايوارڊ ڏنو آهي. جرنل جي ايڊيٽر ڊاڪٽر معين الدين هاشمي صدر کان انعام وصول ڪيو. ان تقريب ۾ وائيس چانسلر، پروفيسر ڊاڪٽر شاهد صديقي به موجود هو. مذهبي معاملن واري وزارت ”اسلامي رياست ۾ قومي قيادت جا رهنما اصول: سيرت جي روشني ۾“ جي عنوان تي صوبائي ۽ آل پاڪستان سطح تي آرٽيڪلز لکڻ جي مقابلن جو انعقاد ڪيو هو. صوبائي سطح تي منعقد مقابلن ۾ يونيورسٽي جي ڊاڪٽر احمد رضا بهترين آرٽيڪلز لکڻ تي پهريون انعام حاصل ڪيو جڏهن ته ڊاڪٽر عائشه صنوبر ۽ نازيه گوهر خصوصي انعام حاصل ڪيا. آل پاڪستان مقابلي ۾ اوپن يونيورسٽي جي پي ايڇ ڊي اسڪالر پهريون انعام حاصل ڪري ورتو آهي، اهڙي طرح اوپن يونيورسٽي کي ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد تقريب ۾ پنج قومي ايوارڊز ڏنا ويا، وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر شاهد صديقي پنهنجي بيان ۾ چيو ته اوپن يونيورسٽي ريسرچ ڪلچر جي فروغ تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي فيڪلٽي ميمبرن کي مالي مراعتون ۽ تعريفي سندون ڏيندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ اسان جي يونيورسٽي پنج انعام کٽيا آهن، جنهن تي اسان کي فخر آهي، هن چيو ته يونيورسٽي 14 ريسرچ جرنل شايع ڪيا آهن جڏهن ته ٽي جرنل اشاعت جي مرحلي ۾ آهن، هن چيو ته اوپن يونيورسٽي پاڪستان جي واحد يونيورسٽي هوندي جنهن جي ريسرچ جرنلز جو تعداد 17 هوندو. فيڪلٽي آف عربي ۽ علوم اسلاميه جي ڊين، پروفيسر ڊاڪٽر محي الدين هاشمي موجب اوپن يونيورسٽي سيرت النبي صه جي فروغ جي لاءِ تسلسل سان قدم کڻي رهي آهي. سيرت النبي صه جي فروغ جي لاءِ هن ئي سال ٻه عالمي ڪانفرنسز منعقد ڪرايون ويون آهن جڏهن ته ٽئين عالمي ڪانفرنس 14 ڊسمبر تي منعقد ڪئي پئي وڃي.