وزيراعظم جي صدارت ۾ اويڪيوٽرسٽ بورڊ جو اجلاس

وزيراعظم جي صدارت ۾ اويڪيوٽرسٽ بورڊ جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 06دسمبر2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ اويڪيوٽرسٽ بورڊ جو اجلاس اربع ڏينهن هتي وزيراعظم آفيس ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف، اويڪيوٽرسٽ بورڊ جي چيئرمين محمد صديق الفاروق ۽ سينئر عملدار به موجود هئا. اجلاس جي دوران اويڪيوٽرسٽ بورڊ جي چيئرمين وزيراعظم کي بورڊ بابت معاملن جي باري ۾ بريفنگ ڏني.