سينيٽ جي سيفران بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي سيفران بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ یکم ستمبر 2016ء) سينيٽ جي سيفران بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر هلال الرحمان جي سربراهي ۾ ٿيو. اجلاس ۾ فاٽا ۾ صحت جي منصوبن، ملازمن جا تفصيل، فاٽا سيڪريٽريٽ جي عملداري پاليسي، ڏکڻ وزيرستان ۾ فاٽا سيڪريٽريٽ پاران منظور ڪيل اسڪيم جي خاتمي، خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي گورنر جي هدايتن جي روشني ۾ امبريلا اسڪيمز، فاٽا ۾ ريشنلائيز پاليسي سبب بند ڪيل تعليمي ۽ صحت جا مرڪز فاٽا ۾ ڪم ڪندڙ اين جي اوز ۽ باجوڙ ايجنسي ۾ منرل لائيسنس جاري ڪرڻ ۾ بي ضابطگين جا معاملا غور هيٺ آيا. ڪميٽي خيبر ايجنسي ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ جي حوالي سان بريفنگ ۽ فاٽا ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ جي بدلين جي پاليسي تي بريفنگ جا معاملا اسٽيبلشمينٽ ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري وٽ معلومات نه هجڻ سبب ايندڙ اجلاس جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيا. ڪميٽي پاران ايف بي آر چيئرمين جي لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا، سينيٽر ستاره اياز جو چوڻ هو ته فاٽا سيڪريٽريٽ ۾ ڪلاس 4 جا ملازم 7 کان 8 هزار پگهار کڻي رهيا آهن، ڪيترائي ڊاڪٽر 4 سالن کان وڌيڪ عرصو گذاري چڪا آهن پر انهن کي مستقل نه ڪيو ويو. پي اينڊ ڊي فاٽا جي سيڪريٽري بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته بجيٽ ۾ گهٽ کان گهٽ پگهار 14 هزار ڪئي وئي پر پاليسي ۾ 7 هزار آهي، اميد آهي ته فاٽا سڌارن ۾ اهي مسئلا حل ٿي ويندا. سينيٽر صالح شاهه جو چوڻ هو ته سمجهه کان مٿي آهي ڏکڻ وزيرستان سان ايترو خراب سلوڪ ڇو ٿو ڪيو وڃي.