دهشتگردي آخري پساهن ۾ آهي، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو ڀڄندي ڪجهه ڪارروايون ڪري پنهنجي وجود جو تاثر ڏئي رهيا آهن: وزيراعظم محمد نواز شريف

دهشتگردي آخري پساهن ۾ آهي، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو ڀڄندي ڪجهه ڪارروايون ڪري پنهنجي وجود جو تاثر ڏئي رهيا آهن: وزيراعظم محمد نواز شريف

گوادر (پاکستان نیوز پوائنٹ یکم ستمبر 2016ء) ) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته دهشتگردي آخري پساهن ۾ آهي، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو ڀڄندي ڪجهه ڪارروايون ڪري پنهنجي وجود جو تاثر ڏئي رهيا آهن، اسان وڏو معرڪو عبور ڪري ورتو آهي، باقي هدف به جلد حاصل ڪري وٺنداسين، بلوچستان امن جو ڳڙهه بڻجندو پيو وڃي، گوادر ۾ 50 هزار نوڪريون نڪرنديون، مقامي ماڻهن کي نوڪري ڏيڻ اولين ترجيح هوندي، موجوده حڪومت پاران ترقي جي عمل جي تسلسل سان اڳيان وڌڻ سان ماضي جي پٺتي پيل شهر گوادر مستقبل جو ترقي يافته ترين شهر هوندو، گوادر پاڪستان ۽ پاڪستان گوادر آهي، 1991ع ۾ ئي گوادر جي اهميت جو اندازو ٿي ويو هو هي منهنجو پراڻو خواب هو جيڪو الحمدالله اڄ پورو ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن چين کان ٽريفڪ هلندي ۽ گوادر ايندي، گوادر بندرگاهه پاڪستان ۽ چين ٻنهي جي لاءِ هڪ جهڙو فائديمند هوندو، توانائي، ريلوي جي بهتري، اقتصادي زونز قائم ڪرڻ، روڊ نيٽ ورڪ سميت انفراسٽرڪچر جا ڪيترائي منصوبا چين جي تعاون سان مڪمل ڪيا پيا وڃن، چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستي سياسي سطح کان هاڻي اقتصادي سطح ۾ تبديل ٿي رهي آهي، اها پائيدار دوستي جي نشاني آهي، ملڪ ۾ پن بجلي، ڪوئلي، ايل اين جي، ونڊ، سولر پاور پلانٽس تي ڪم جاري آهي، 2018ع تائين پاڪستان مان لوڊشيڊنگ جو خاتمو ٿي ويندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪالهه خميس ڏينهن هتي ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن جي افتتاح ۽ پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم شادي ڪور ڊيم، گوادر فري زون، بزنس ڪمپليڪس سميت ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪيو جن جو مقصد ملڪ جي ڏورانهن علائقن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي ثمرن مان فائدو ڏيڻ آهي. بلوچستان جو گورنر محمد خان اچڪزئي، وڏو وزير نواب ثناءُ الله زهري، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، پورٽ اينڊ شپنگ جو وفاقي وزير مير حاصل خان بزنجو ۽ قومي سلامتي وارو صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر جنجوعه پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. تقريب ۾ پاڪستان ۾ چين جو سفير سن وئي ڊونگ پڻ موجود هو. ان موقعي تي وزيراعظم کي مختلف منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم گوادر ۾ 23 سئو ايڪڙ تي ٻڌل گوادر فري زون جي پيڙهه جو پٿر رکيو. هن 4 لک ڊالر جي لاڳت سان فقير آباد، گوادر ۾ چين پاڪستان پرائمري اسڪول جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکيو اهو منصوبو ڪميونسٽ پارٽي چين پاران تحفو آهي. وزيراعظم گوادر بزنس سروس ڪمپليس جي پڻ پيڙهه جو پٿر رکيو جتي ڪمپنين، درآمد ۽ برآمد ڪندڙن جون آفيسون هونديون، ان منصوبي تي 2 ارب رپيا لاڳت ايندي. وزيراعظم گوادر ۾ شادي ڪور ڊيم جو افتتاح پڻ ڪيو جنهن سان پسني ۽ ٻين علائقن جي رهواسين کي آبپاشي لاءِ پاڻ ملندو. وزيراعظم ساور ڪور ڊيم جو پڻ افتتاح ڪيو، ان ڊيم تي جون 2011ع ۾ ڪم شروع ٿيو هو ان ۾ 45 هزار ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش هوندي. وزيراعظم يونيورسٽي آف گوادر جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکيو جيڪا ملڪ جي ڏرانهن علائقن ۾ ماڻهن کي اعليٰ معيار جي تعليم فراهم ڪندي ۽ قومي ترقي جي عمل کي اڳيان وڌائڻ ۾ مدد ملندي. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته گوادر ۾ بجلي ۽ صاف پاڻي جي منصوبن تي ڪم جاري آهي، منصوبن سان نه رڳو گوادر پر بلوچستان جي ٻين علائقن کي پڻ پاڻي ۽ بجلي ملندي، گوادر ۾ عالمي سطح تي ايئرپورٽ ٺهي رهيو آهي، گوادر پاڪستان جو سڀ کان اهم شهر بڻجڻ وڃي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته چين نه رڳو پاڪستان جو دوست آهي پر گوادر منصوبي ۾ حصيدار پڻ آهي، گوادر بندرگاهه پاڪستان ۽ چين ٻنهي جي لاءِ هڪ جهڙو فائديمند آهي. هن چيو ته 2018ع جي شروع ۾ 10 هزار ميگاواٽ بجلي جي پيداوار شروع ٿيندي، بجلي جي منصوبن تي ڪم تيزي سان جاري آهي، 2018ع تائين پاڪستان مان لوڊشيڊنگ جو خاتمو ۽ بجلي جي ضرورت پوري ڪنداسين، اقتصادي لنگهه جي ذريعي پاڪستان وچ ايشيا سان ڳنڍجي ويندو. هن چيو ته گوادر ۾ 300 ميگاواٽ جو بجلي گهر ٺهندو، ڊي سينٽيشن پلانٽ سان گوادر جي رهواسين کي پيئڻ جو صاف پاڻي ملندو، گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان اندرون ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ اڏامون هلنديون. وزيراعظم چيو ته 1991ع ۾ ئي گوادر جي اهيمت جو اندازو ٿي ويو هو، اهو منهنجو پراڻو خواب هو، جيڪو الحمدالله اڄ پورو ٿيندو نظر اچي رهيو آهي، ان ۾ ڪيتريون ئي رڪاوٽون آيون، جيڪڏهن اسان جي حڪومت ۾ تسلسل رهي ها ته گوادر تمام گهڻو اڳ هڪ جديد ۽ ترقي يافته شهر بڻجي چڪو هجي ها. هن چيو ته هاڻي هتي امن قائم ٿيو آهي ان جي لاءِ پاڪ فوج، پوليس ۽ انتظاميا سميت جن به قربانيون ڏنيون آهن، اسان انهن کي ساراهيون ٿا، امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ناصر خان جنجوعه جو پڻ وڏو ڪردار آهي، جن پنهنجو وقت ۽ صلاحيتون استعمال ۾ آنديون، محنت سان ڪم ڪيو انهن جي ڪوششن رنگ لاتو، انهن جي باقي ٽيم به مبارڪباد جي مستحق آهي، گوادر ماضي ۾ پاڪستان جو پٺتي پيل جڏهن ته هاڻي ترقي يافته شهر آهي. وزيراعظم چيو ته چين جيڪو پاڪستان جو سدائين کان آزمايل دوست آهي، ان پاران پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر ۾ تعاون تي ٿورائتا آهيون. پاڪستان ۾ بجلي جي پيداوار، ريلوي اپ گريڊنگ، رستن جو نيٽ ورڪ ۽ اڪنامڪ زون ۾ تعاون تي چين جي اعليٰ قيادت جا پڻ ٿورائتا آهيون، سي پيڪ منصوبو ٻنهي ملڪن جي لاءِ اهميت وارو آهي. وزيراعظم چيو ته 2018ع ۾ 10 هزار ميگاواٽ بجلي قومي گرڊ ۾ شامل ٿيندي جنهن سان ملڪ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملندي. 2018ع ۾ ملڪ مان لوڊشيڊنگ جي خاتمي جي اميد آهي، ملڪ ۾ هائيڊل، ڪوئلي، ايل اين جي، ونڊ، سولر پاور پلانٽس تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته گوادر پاڪستان ۽ پاڪستان گوادر آهي، گوادر ۾ 29 ارب رپين جي لاڳت سان انٽرنيشنل ايئرپورٽ تعمير ڪيو پيو وڃي، جيڪو هڪ نئون مثال هوندو. گوادر کي ملڪ جي ٻين علائقن سان ڳنڍڻ جي لاءِ 150 ارب رپين جي لاڳت سان روڊ نيٽ ورڪ وڇايو پيو وڃي، گوادر ۾ 150 بسترن جي جديد اسپتال تعمير ڪئي پئي وڃي جنهن کي بعد ۾ 300 بسترن تائين آندو ويندو. هتي ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر ٺاهيو پيو وڃي، يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي جنهن تي 4 ارب رپيا لاڳت ايندي، ان جي لاءِ فنڊ مهيا ڪرڻ تي منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال ۽ منصوبي ۾ دلچسپي وٺي ان کي ترجيحي بنيادن تي حتمي شڪل ڏيڻ تي هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين جا ٿورائتا آهيون. وزيراعظم چيو ته گوادر ۾ 50 هزار نوڪريون پيدا ٿينديون، مقامي ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ اولين ترجيح هوندي، انهن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت دهشتگردي دم ٽوڙي رهي آهي، باقي رهيل ماڻهو فرار ٿيندي هڪ اڌ ڪارروايون ڪري پنهنجو وجود برقرار رکڻ جو تاثر ڏئي رهيا آهن، اسان وڏو معرڪو عبور ڪري ورتو آهي، جلد باقي هدف به حاصل ڪري وٺـنداسين. بلوچستان امن جو گهوارو بڻجندو پيو وڃي، الله نظر بد کان بچائي. اڄ هتي اربين رپين جا منصوبا شروع آهن. وزيراعظم چيو ته کيس اهو نظر اچي رهيو آهي جڏهن چين کان ٽريفڪ هلندي ۽ گوادر ايندي ۽ گوادر کان ٽريفڪ چين تائين ويندي. نواز شريف چيو ته کيس پاڪ چين دوستي تي فخر آهي ۽ سدائين اها ڪوشش رهي ته انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي. پاڪستان ۾ بجلي بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ چين جو تعاون مثالي آهي. رستن جي نيٽ ورڪ ۾ ان جو وڏو ڪردار آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي سياسي سطح کان هاڻي اقتصادي سطح ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، اها پائيدار دوستي هوندي آهي. وزيراعظم چيو ته گوادر ۾ نئون ايئرپورٽ ٺهي رهيو آهي، اڄ هتي ايندي شهر کي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. ائين لڳي رهيو هو ته هي اسلام آباد جا رستا آهن، 1991ع ۾ گوادر جي حالت تمام خراب هئي، وزيراعظم چيو ته ڪير سوچي به نه ٿي سگهيو ته سمنڊ کان صاف پاڻي هتي ماڻهن کي ملندو، هاڻي هتي ڊيم ٺهي رهيا آهن جن سان هتي زرعي سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو. هتي جو نوجوان نسل حڪومتي ڌيان ۽ منصوبن کي ڏسي خوش ٿي رهيو هوندو تنهن هوندي به کين ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اهو ڌيان اڄ جو نه پر 90ع جي ڏهاڪي جو آهي. هتي زمين جي قيمتن ۾ اضافو ترقي جي نشاني آهي. وزيراعظم وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته هتي قبضا روڪڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ ماسٽر پلان تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته اميد آهي ته گوادر ڊولپمينٽ اٿارٽي ماسٽر پلان تي مڪمل عملدرآمد ڪرائيندي ۽ ان جي خلاف ورزي ٿيڻ نه ڏني ويندي. هن چيني سفير پاران 600 ملين رپين جي اسڪالرشپ جي اعلان تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته ان جو تعاون ساراهه جوڳو آهي ان کي جيترو ساراهيو وڃي گهٽ آهي، اها سچي دوستي جي نشاني آهي.