ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون تيل درآمد ڪندڙ ملڪن کان گهٽ آهن: سينيٽ کي آگاهي

ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون تيل درآمد ڪندڙ ملڪن کان گهٽ آهن: سينيٽ کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ22نومبر2017ء) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون تيل درآمد ڪندڙ ملڪن کان گهٽ آهن جڏهن ته تيل جي قيمتن ۾ ڦيرڦار جي حوالي سان طريقيڪار کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽر اعظم خان سواتي ۽ ڪرنل (ر) سيد طاهر حسين مشهدي جي التوا واري رٿ تي بحث ۾ حصو وٺندي سردار محسن خان لغاري چيو ته اوگرا تيل جي قيمتن ۾ ڦيرڦار بابت تجويزون پيش ڪري ٿي جڏهن ته حڪومت ان ڦيرڦار کي نظر ۾ رکندي قيمتن جو فيصلو ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون سمورن تيل درآمد ڪندڙ ملڪن کان گهٽ آهن. هن چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ تعين جي حوالي سان طريقيڪار کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. ڪرنل (ر) سيد طاهر حسين مشهدي ۽ اعظم خان سواتي پنهنجي رٿ جي حق ۾ دليل ڏنا جڏهن ته سينيٽر مير ڪبير ۽ سردار اعظم موسيٰ خيل پڻ بحث ۾ حصو ورتو. سينيٽ چيئرمين چيو ته ان معاملي تي لاڳاپيل وزير جمعي ڏينهن بحث سهيڙيندو.