سينيٽ مان حافظ حمدالله پاران ڳالهائڻ جو موقعو نه ملڻ تي واڪ آئوٽ

سينيٽ مان حافظ حمدالله پاران ڳالهائڻ جو موقعو نه ملڻ تي واڪ آئوٽ

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ22نومبر2017ء) سينيٽ جي اجلاس دوران حافظ حمدالله ڳالهائڻ جو موقعو نه ملڻ تي احتجاج ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري هليو ويو. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ التوا واري رٿ تي بحث جاري هو ته حافظ حمدالله اٿي بيهي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته سينيٽ چيئرمين کيس پنهنجي سيٽ تي ويهڻ جو چيو، بار بار چوڻ جي باوجود هو پنهنجي سيٽ تي نه ويٺو جنهن تي سينيٽ چيئرمين ان جي خلاف ڪارروائي جي ڳالهه ڪئي جنهن تي هو ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري هليو ويو.