وزيراعظم سان شگر ملز ايسوسيئيشن جي وفد جي ملاقات

وزيراعظم سان شگر ملز ايسوسيئيشن جي وفد جي ملاقات

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ21نومبر2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان شگر ملز ايسوسيئيشن (پي ايس ايم اي) جي هڪ وفد ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. وفد ۾ جاويد ڪياني، احسن لطيف، اسلم غني، سڪندر خان، اڪرام الحق، اسلم فاروق ۽ نعمان خان شامل هئا. ان موقعي تي واپار ۽ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري وارو وفاقي وزير پرويز ملڪ پڻ موجود هو. ملاقات ۾ کنڊ جي صنعت کي درپيش مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته شگر ملز ايسوسيئيشن پاران اٿاريل صنعت کي درپيش مسئلن تي ضرور غور ويچار ڪيو ويندو.