چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل ظفر محمود پاران پاڪ بحريه جي اڳئين مورچن تي مقرر جوانن جي آپريشنل ۽ حربي تيارين تي اطمينان جو اظهار

چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل ظفر محمود پاران پاڪ بحريه جي اڳئين مورچن تي مقرر جوانن جي آپريشنل ۽ حربي تيارين تي اطمينان جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ21نومبر2017ء) چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل ظفر محمود پاڪ بحريه جي اڳئين مورچن تي مقرر جوانن جي آپريشنل ۽ حربي تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي سامونڊي سرحدن جو دفاع ۽ ميري ٽائيم مفادن جو تحفظ پاڪ بحريه جي اولين ترجيح آهي. اها ڳالهه هن ڪالهه اڱاري ڏينهن پاڪ ڀارت سرحد ويجهو ڪريڪس ايريا ۾ اڳئين مورچن جي دوري جي موقعي تي چئي. پاڪ بحريه جي سربراهه اتي مقرر پاڪ ميرينز جي دستن جي آپريشنل تيارين جو جائزو ورتو. نيول چيف جي اچڻ تي ڪمانڊر ڪوسٽ ريئر ايڊمرل معظم الياس سندس استقبال ڪيو. ڏکڻ اوڀر سرحد ويجهو سر ڪريڪ جي علائقي ۾ قائم پاڪ ميرينز جي اڳئين مورچن جي دوري دوران نيول چيف کي هر پوسٽ تي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي. ايڊمرل ظفر محمود عباسي اڳئين مورچن تي مقرر جوانن سان ملاقات ڪئي ۽ ڪريڪس ۾ مشڪل موسمي حالتن جي باوجود سخت ڊيوٽي سرانجام ڏيڻ انهن جي عزم ۽ حوصلي کي ساراهيو. نيول چيف قوم پاران ڏنل سامونڊي سرحدن جي دفاع جي مقدس ذميواري جي اهيمت کي اجاگر ڪيو ۽ بلند اخلاقي قدرن، فٽنس ۽ تربيت جي بهترين معيار کي برقرار رکڻ تي زور ڏنو. امير البحر پاڪ بحريه جي فارورڊ پوسٽن تي مقرر جوانن جي آپريشنل ۽ حربي تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ان عزم کي ورجايو ته ملڪ جي سامونڊي سرحدن جو دفاع ۽ ميري ٽائيم مفادن جو تحفظ پاڪ بحريه جي اولين ترجيح آهي.