قومي اسيمبلي اڪثريت راءِ سان چونڊ (ترميمي) بل 2017ع غور هيٺ آڻڻ جي رٿ رد

قومي اسيمبلي اڪثريت راءِ سان چونڊ (ترميمي) بل 2017ع غور هيٺ آڻڻ جي رٿ رد

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ21نومبر2017ء) قومي اسيمبلي اڪثريت راءِ سان چونڊ (ترميمي) بل 2017ع غور هيٺ آڻڻ جي رٿ رد ڪري ڇڏي، اهو بل مخالف ڌر جي پارٽين پاران سينيٽ مان منظور ٿي ايوان ۾ آندو ويو هو، ايوان ۾ ڳڻپ ڪرڻ تي رٿ جي حق ۾ 98 جڏهن ته مخالف ڌر ۾ 163 ووٽ پيا. ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي جي ميمبر سيد نويد قمر چونڊ ايڪٽ 2017ع ۾ وڌيڪ ترميم آڻڻ جو بل چونڊ ترميمي بل 2017ع سينيٽ مان منظور ڪيل صورت ۾ فوري طور تي غور هيٺ آڻڻ جي رٿ پيش ڪئي. اسپيڪر جي چوڻ تي هن بل جي مقصدن کان ايوان کي آگاهه ڪندي چيو ته ان قانون تحت اهڙو فرد جيڪو هن ايوان جو ميمبر نه ٿو بڻجي سگهي اهو ڪنهن پارٽي جو سربراهه به نه ٿو ٿي سگهي. ان دوران تحريڪ انصاف جي پارلياماني اڳواڻ شاهه محمود قريشي ڳالهائڻ چاهيو ته اسپيڪر چيو ته هو ان ۾ شامل نه آهي. اسپيڪر چيو ته توهان پاران اهڙو بل ناهي آيو تنهن هوندي به توهان ان تي ڳالهايو. ان دوران ايوان ۾ گوڙ ٿي ويو. شاهه محمود قريشي يچو ته هي بل سينيٽ مان آيو آهي ۽ اتي هي سڀ ميمبر ان جو حصو هئا. ڊاڪٽر عذرا فضل چيو ته عام قانونسازي جي ڏينهن ۾ ايوان خالي هوندو آهي اڄ خوشي آهي ته ميمبرن جو وڏو انگ آيو. قانون واري وزير زاهد حامد چيو ته 1962ع ۾ پوليٽيڪل پارٽيز ايڪٽ لاڳو ڪيو ويو ان جي سيڪشن 5 تحت نااهلي جي شق شامل ٿي ته نااهل شخص ڪنهن پارٽي جو ميمبر نه ٿو بڻجي سگهي. ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن حڪومت ۾ آيو ته هن 1975ع ۾ ان شق کي ڪڍي ڇڏيو. اهي ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته هي سڀ ڪجهه آئين جي خلاف آهي. 1975ع کان وٺي 25 سالن جي لاءِ غائب هو. ڪنهن اعتراض نه ڪيو. 2000ع ۾ صدر مشرف ترميمي آرڊر جاري ڪيو اهو قدم بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف کي ٻاهر رکڻ جي لاءِ کنيو ويو. پوليٽيڪل پارٽيز آرڊر 2002ع ۾ به اها شق شامل ڪئي وئي. چونڊ قانون ۾ 2014ع ۾ اها تجويز آئي ۽ ذيلي ڪميٽي فيصلو ڪيو. پاناما 2016ع ۾ آيو، اها رپورٽ ڪميٽي ۾ وئي. اها رپورٽ ڇپي ۽ هن ايوان ۽ سينيٽ ۾ آئي. ڪنهن ڪو اعتراض نه ڪيو. ٻن ميمبرن چيو ته اسان کي ڀيٽ ڪري ڏيکاريو وڃي ان ۾ سيد نويد قمر ۽ ڊاڪٽر عارف علوي شامل هئا. اسان انهن کي اي ميل ڪيو، هنن ڪو اعتراض نه ڪيو. زاهد حامد چيو ته بل ايوان ۾ پيش ٿيو ڪنهن اعتراض نه ڪيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ ويو ته ڪو اعتراض نه ڪيو ويو. سينيٽ ۾ جنهن ڏينهن پيش ٿيو ڇو ته ان ذريعي نواز شريف کي فائدو ٿي رهيو آهي ترميم اچي وئي. اسان اتان اهو بل منظور ڪري ورتو. اهو بل ڪنهن خاص شخص جي لاءِ نه آهي. اهو هن فيصلي يا معاملي کان ڏيڍ سال اڳ جو آهي. ان وقت ڪنهن اعتراض نه ڪيو. مخالف ڌر پاران آندل بل محمد نواز شريف جي خلاف ڊيزائن ڪيو ويو آهي، اها بدنيتي آهي. ذوالفقار ڀٽو اها شق ختم ڪئي توهان هاڻي وجهڻ چاهيو ٿا. اسپيڪر بل سينيٽ جي منظور ڪيل صورت ۾ غور هيٺ آڻڻ جي رٿ ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن تي نويد قمر چيو ته ميمبرن جي ڳڻپ ڪرائي وڃي بعد ۾ ميمبرن جي ڳڻپ ڪرائي وئي. مخالف ڌر جي رٿ جي حق ۾ 98 جڏهن ته مخالفت ۾ 163 ميمبرن راءِ ڏني. جنهن تي اهو بل غور هيٺ آڻڻ جي رٿ رد ڪئي وئي. واضح رهي ته هن بل جي حوالي سان ميڊيا تي اها پروپئگنڊه ڪئي پئي وئي ته حڪمران مسلم ليگ (ن) جي ميمبرن جي هڪ وڏي انگ مخالف ڌر کي هن بل دوران ايوان مان غيرحاضر رهڻ جي خاطري ڪرائي آهي جڏهن ته اها پروپئگنڊه غلط ثابت ٿي ۽ سخت بيمار قومي اسيمبلي ميمبر رجب علي بلوچ ۽ وهيل چيئر تي عورت ميمبر پڻ ايوان ۾ موجود هئا.