ڪم ڪار وارن هنڌن تي عورتن کي حراسان ڪرڻ کان تحفظ فراهم ڪرڻ جو (ترميمي) بل 2017ع قومي اسيمبلي ۾ پيش

ڪم ڪار وارن هنڌن تي عورتن کي حراسان ڪرڻ کان تحفظ فراهم ڪرڻ جو (ترميمي) بل 2017ع قومي اسيمبلي ۾ پيش

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ21نومبر2017ء) ڪم ڪار وارن هنڌن تي عورتن کي حراسان ڪرڻ کان تحفظ فراهم ڪرڻ جو (ترميمي) بل 2017ع قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو. ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبر ڊاڪٽر فوزيه حميد ڪم ڪار وارن هنڌن تي عورتن کي حراسان ڪرڻ کان تحفظ فراهم ڪرڻ جي ايڪٽ 2010ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي جنهن تي انساني حقن واري وزير ممتاز تارڙ چيو ته اهو بل سٺو آهي، مون ان کي پڙهيو آهي ان جي اسان مخالفت نه ٿا ڪريون جنهن تي ايوان کان راءِ وٺڻ کانپوءِ بل ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن کي لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو.