اسپيڪر سردار اياز صادق سان آزاد ڪشمير جي صدر مسعود خان جي ملاقات

اسپيڪر سردار اياز صادق سان آزاد ڪشمير جي صدر مسعود خان جي ملاقات

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 31اگست 2016ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪشمير مسئلي تي سفارتي مدد حاصل ڪرڻ ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ انساني حقن جي نه ختم ٿيندڙ خلاف ورزين جي سلسلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ 196 ملڪن جي پارليامينٽ جي اسپيڪرن کي خط لکيا آهن، ڪشمير مسئلو پاڪستان جي پارليامينٽ جي اهم ترجيح آهي ۽ پارليامينٽ ۾ موجود سموريون سياسي پارٽيون ان تي متفق آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل صدر مسعود خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڪالهه اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ اسپيڪر سان ملاقات ڪئي. اسپيڪر چيو ته ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي ايجنڊا تي سڀ کان پراڻو حل طلب مسئلو آهي. هن چيو ته طاقت جي زور تي ڪشمير تي قبضو قوم، رياست ۽ عوام جي بنيادي خودمختياري جي حق جي خلاف ورزي آهي. هن چيو ته ڪنهن به ٻاهرئين مداخلت کانسواءِ حڪومت جوڙڻ عوام جو بنيادي حق آهي. هن ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو. هن چيو ته موجوده جمهوري حڪومت جي دور ۾ ڪشمير مسئلي کي سگهه ملي آهي. هن ڪشمير مسئلي تي سفارتي تعاون حاصل ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم پاران پارلياماني وفد موڪلڻ جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو ته پارلياماني سفارتڪاري ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ظلمن کي روڪڻ جي لاءِ عالمي برادري جو ضمير جاڳائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. سردار اياز صادق چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ ۽ ڪشميري عوام جي آزادي جي تحريڪ جي لاءِ عالمي سطح تي حمايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ قومي اسيمبلي هلندڙ سال 13 ۽ 14 آڪٽوبر تي هڪ عالمي ڪانفرنس منعقد ڪرائي رهي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا جا پارليامينٽ ميمبر، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا جا نمائندا ۽ دانشور شرڪت ڪندا. هن چيو ته ڪشمير مسئلي جي حل کانسواءِ خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ ناممڪن آهي. آزاد ڄمون ڪشمير جي صدر مسعود خان ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ ۾ پاڪستان جي پارليامينٽ جي ڪوششن کي ساراهيو. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته پارلياماني سفارتڪاري ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هن ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي ڪوششن تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو.