سينيٽ جي اختيارن جي منتقلي بابت ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي اختيارن جي منتقلي بابت ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 31اگست 2016ء) سينيٽ جي اختيارن جي منتقلي بابت ذيلي ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين سينيٽر مير ڪبير احمد جي صدارت ۾ ڪوئيٽا ۾ ٿيو. اجلاس ۾ 18 هين ترميم کانپوءِ اختيارن جي صوبن ڏانهن منتقلي ۽ وفاق کان 17 وزارتن جي صوبن ڏانهن مڪمل منتقلي جي معاملن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي ڪميٽي جي چيئرمين مير ڪبير احمد چيو ته 18 هين ترميم جي منظوري کانپوءِ اختيارن جي مرڪز کان صوبن ڏانهن منتقلي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ضروري آهي ته صوبا پاڻ به پنهنجي سگهه ۾ اضافي کي يقيني بڻائين. هن چيو ته 18 هين ترميم جي شقن تي عملدرآمد سان ننڍن صوبن جي مالي ۽ انتظامي معاملن ۾ يقيني طور تي بهتري ايندي. سينيٽر مير ڪبير احمد وڌيڪ چيو ته 18 هين ترميم تي جيئن جو تيئن عملدرآمد ۽ اڃا تائين ترميم تي عملدرآمد نه ڪرڻ جي حوالي سان سمورن صوبن جا خدشا معلوم ڪيا ويندا جن جي روشني ۾ تجويزون جوڙيون وينديون. مير ڪبير احمد بيوروڪريسي کي چيو ته هو وفاق کان اختيار صوبن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته جيئن صوبا انهن جي ثمرن مان فائدو حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته ڪميٽي چئني صوبن جو دورو ڪندي ۽ وفاق کان صوبن کي اختيارن جي منتقلي بابت لاڳاپيل عملدارن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندي. ڪميٽي تجويز ڏني ته وفاقي حڪومت کي گهرجي ته اها صوبن کي اختيارن جي منتقلي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي ۽ ان سلسلي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪري. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 3 – 172 تحت ڪنهن صوبي مان مليل معدني وسيلن جي آمدني جو 50 سيڪڙو مرڪز ۽ 50 سيڪڙو صوبن کي ملڻ گهرجي. ضروري آهي ته آرٽيڪل تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. بلوچستان جي چيف سيڪريٽري سيف الله چٺا ڪميٽي کي 18 هين ترميم کانپوءِ اختيار صوبن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي حوالي سان صوبائي حڪومت پاران کنيل قدمن ۽ ان سلسلي ۾ درپيش مشڪلاتن، مادي وسيلن جي کوٽ ۽ ايندڙ رڪاوٽن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني جڏهن ته مختلف ادارن جي سيڪريٽرين پنهنجي پنهنجي ادارن پاران کنيل قدمن بابت ڪميٽي کي آگاهه ڪيو. ان کان اڳ اجلاس ۾ سول اسپتال ڪوئيٽا سانحي ۾ شهيد ٿيندڙن جي ايصال ثواب جي لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي وئي. اجلاس ۾ سينيٽر تاج حيدر، سينيٽر عطاءُ الرحمان، سينيٽر سعيدالحسن مندوخيل، سينيٽر نوابزاده سيف الله مگسي، ڊاڪٽر اسحاق بلوچ، سينيٽ ڪميٽي جي سيڪريٽري رابعه انور شرڪت ڪئي. ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي به جاري رهندو.