قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس

قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 31اگست 2016ء) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) جي چيئرمين سيد خورشيد شاهه سرڪاري ادارن ۾ بدعنواني تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پي اي سي کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پي اي سي جو جدا سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ اسپيڪر کي خط لکيو آهي. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه اربع ڏينهن چيئرمين سيد خورشيد شاهه جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. سيد خورشيد شاهه چيو ته پي اي سي ايف آءِ اي ۽ نيب کان وڏو فورم آهي، ان وٽ عدالتي ڪيسن جو جائزو وٺڻ جو اختيار هجڻ گهرجي. هن چيو ته اسان رڳو آفيسرن کي ڊيڄاريون ٿا، وڌ کان وڌ گرفتاري يا ٽي مهينا قيد ٿئي ٿي. آڊيٽر جنرل جو چوڻ هو ته آڊيٽر جنرل ايڪٽ ۾ ترميم تجويز ڪئي آهي جنهن تحت نوٽيس ۾ ايندڙ اهم ڪيسن جي رپورٽ فوري طور تي صدر ڏانهن موڪلي سگهبي. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي کي گرينڊ حيات فائيو اسٽار هوٽل ۽ ڪانفرنس سينٽر اسلام آباد جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. سي ڊي اي جي ڊائريڪٽر اسٽيٽ مئنيجمينٽ اسلام شاهه ٻڌايو ته گرينڊ حيات هوٽل جي 13.4 ايڪڙ زمين جي پهرين نيلامي آگسٽ 2004ع تي ملتوي ڪئي وئي جڏهن ته ٻي نيلامي ۾ قاعدن ۽ ضابطن کي تبديل ڪندي زمين جي ليز جو مدو 33 سالن مان وڌائي 99 سال ڪيو ويو، اڳ ۾ سڄي رقم 120 ڏينهن ۾ ادا ڪرڻي هئي، بعد ۾ ادائيگي جو مدو وڌائي 15 سال ڪيو ويو، ائين ڪندڙ بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو چيئرمين ڪامران لاشاري هو. خورشيد شاهه چيو ته سي ڊي اي پهرين ڪجهه ٻيو ٻڌائيندي رهي ۽ هاڻي ڪجهه ٻيا دستاويز ڏنا پيا وڃن. هن چيو ته هوٽل زمين اسڪينڊل ۾ اڳ ۾ ۽ بعد ۾ دستاويز فراهم ڪندڙ عملدارن کي گهرائينداسين ته جيئن خبر پوي ته ڪير صحيح آهي. نيب عملدارن ٻڌايو ته گرينڊ حيات هوٽل جي زمين 75 هزار رپيا چورس فٽ وڪرو ڪئي وئي جڏهن ته پهرين نيلامي جي فائيل نيب کي به فراهم نه ڪئي وئي. اوورسيز جي سيڪريٽري ۽ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي چيئرمين خضر حيات ٻڌايو ته اي او بي آءِ ۾ ٿيندڙ اربين رپين جي ڪرپشن ڏينهن ڏٺي ڌاڙو هو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ع – ک 16:12