سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 31اگست 2016ء) سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس اڄ خميس ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جو چيئرمين سينيٽر جاويد عباسي ڪندو. اجلاس ۾ صوبن پاران بلڊنگ ڪوڊ جي حوالي سان موڪليل سفارشن تي عملدرآمد جي حوالي سان غور ڪيو ويندو جڏهن ته مختلف ترميمي بلن تي پڻ غور ڪيو ويندو.